Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

اسلامي ڀاءُ فيضانِ سُنَّت مان دَرس ڏنو، دَرس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جي تياري شروع ڪئي۔ هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي به هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، ان جو انداز ايترو پيارو هو جو مان هڪدم هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي پيس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان گڏجي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهيس، پوءِ رِقَّت انگيز دُعا ٿي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جو مون تي ايترو اَثَر ٿيو جو مون دُعا جي دوران رَوئي رَوئي پنهنجي گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ آينده زِندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيت ڪئي، مون تي ڪيف و سُرور طاري هو، اجتماع تان واپسي کان بعد مون نمازن جي پابندي شروع ڪئي ۽ نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويس۔

اسی ماحول نے ادنیٰ کو اعلیٰ کردیا دیکھو!                                                 اندھیرا ہی اندھیرا تھا،اجالا کردیادیکھو!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھِ نُبُوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي کَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سنت  کا مدینہ بنے آقا!                                                                      جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن توهان ڪنهن شخص کي


 

 



[1] مشکاۃ المصابیح، کتاب الایمان، باب الاعتصام بالکتاب و السنۃ، الفصل الثانی، جلد1، صفحہ55، حدیث:175