Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

قيامت جو زلزلو برپا ٿيندو، ان وقت کير پيئارڻ واريون کير پياڪ ٻارن کي وساري ڇڏينديون، حمل وارين (ڳورهاري) جا حمل ڪري پوندا، ٻار خوف سبب پوڙها ٿي ويندا، ان وقت عجيب ڪهرام هوندو، ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيا هوندا، هڪ ٻئي کي پُڪاري رهيا هوندا۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هي آهي قيامت جو زلزلو...! جيڪو ڪائنات کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندو۔ اهڙي زلزلي جي متعلق الله پاڪ فرمايو آهي:

اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَاۙ(۱)

ترجمو ڪنز العرفان: جڏهن زمين ڌوڏي ويندي  جيئن ان جو ڌُڏڻ طئي آھي۔

سُورت زِلزَال جي ٻي آيت جي وضاحت

سُورت زِلزَال جي ٻي آيت ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَاۙ(۲)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍي ڇڏيندي۔

هڪ قول مطابق هن آيت جو مطلب هي آهي ته جڏهن قيامت جو زلزلو ايندو، زمين زَور زَور سان لُڏي رهي هوندي، ڪهرام متل هوندو، ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيا هوندا، ان وقت سون، چاندي وغيره تمام خزانا جيڪي زمين ۾ آهن، زمين ان سڀ کي ڪڍي ٻاهر اڇلائيندي۔ امام فَخرُ الدِّين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان وقت زمين جي ظاهري سطح سون (چاندي وغيره خزانن) سان ڀريل هوندي پر ڪو ان خزاني جي طرف نِگاھ کڻي نه ڏسندو، ڄڻ ته هي سون (چاندي ۽ خزانا) زبانِ حال سان پُڪاري پُڪاري چئي رهيا هوندا: انسانو...! * مان ئي ته اھو آھيان جنهن جي لاءِ توهان پنهنجي دُنيا تباھ ڪندا ھئا * مان ئي ته اھو آھيان جنهن جي لاءِ توهان پنهنجي دِين کي نقصان پهچايو۔([2])


 

 



[1]... مُسْندِ اِسْحاق بن راہویہ، مُسْنَدُ ابی ہریرہ، جلد:1، صفحہ:261، حدیث:10، ملتقطاً ۔

[2]... تفسیر کبیر، پارہ:30، سورۂ زلزال، زیرِ آیت:2، جلد:11، صفحہ:254 مفصّلاً۔