Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري ۾ پابندي سان شرڪت جي نيت ڪئي وڃي۔

نيو ائير نائٽ ۽ مدني مذاڪره

نيو ائير نائٽ (New Year Night) کي نيڪين ۾ گذارڻ جو هڪ بهترين طريقو هي به آهي ته الحمد لله! شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علَّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه هن رات جو عموماً مدني چينل تي لائيو مدني مذاڪرو فرمائن ٿا، عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) جي علاوه به عاشقانِ رسول مختلف هنڌن تي گڏ ٿي هن رات مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪري الله پاڪ جي رحمتن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، لهٰذا مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي هاڻي کان نيت ڪري وٺو! عِلمِ دين سکو! الله پاڪ چاهيو ته نئين سال جي نئين گھڙين ۾ برڪت ٿيندي۔ اي ڪاش! اسان کي غفلت کان بيداري نصيب ٿئي، الله پاڪ اسان سڀن کي نيڪ بڻجڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ وقت جي قدر ڄاڻڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ذِڪرِ خير

اي عاشقانِ رسول! اسلامي سال جو ڇهون مهينو جمادَي الاُخريٰ اچڻ وارو آهي، جمادَي الاُخريٰ جي پهرين (1st) تاريخ تي پنجاب (پاڪستان) جي نهايت مشهور ۽ معروف هستي سلطان العارِفِين شيخ سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرسِ پاڪ ٿيندو آهي، پهرين جمادَي الاُخريٰ تي شيخ سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايصالِ ثواب جو اهتمام به ڪيو! مڪتبة المدينه جو تمام پيارو رسالو آهي: فيضانِ سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ اهو رسالو پڻ پڙھو! ان سان گڏوگڏ اچو! سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ سبق آموز نصيحت به ٻڌون ٿا:

عبرت ۽ نصيحت جا 5 مدني گل

شيخ سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: راھ سُلُوڪ (يعني حق جي، نيڪين جي