Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

سُبْحٰنَ الله! اسان جي بزرگن جون ڪيفيتون ڪيتريون پياريون هيون جو جيڪڏهن ڪنهن گھٽي مان لنگھندا هئا ته ذِڪر الله رهجي ويندو هو ته ٻيهر موٽي ويندا هئا ۽ وري ذِڪرُ الله ڪندي اتان لنگھندا هئا ته متان ڪا گھٽي، ڪو علائقو اهڙو نه هجي جتان بنا ذِڪرُ الله جي لنگھجي۔ آه! هڪ اسان آهيون جو غفلت جو شِڪار رهون ٿا، افسوس! اهڙا نادان به آهن جيڪي سفر دوران گُنَاهن ۾ مَصرُوف رهن ٿا، ڪار ۾، ويگن، بس، ٽرين ۽ جهاز وغيره ۾ فلمون، ڊراما ڏسندي ۽ گانا ٻڌندي ٽائِم پاس ڪن ٿا، گھٽي، علائقي مان لنگھندي موبائل تي گانا ٻڌندي يا ڳائيندي لنگھن ٿا۔ اهڙن کي غور ڪرڻ گھرجي ته هو زمين کي ڪنهن ڳالھ تي پنهنجو گواھ بنائي رهيا آهن۔ پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: تَحَفَّظُوْا مِنَ الْاَرضِ يعني زمين کان بچي رهو...! فَاِنَّهَا اُمُّکُمْ بيشڪ هي توهان جي اَصل آهي وَاِنَّهٗ لَيْسَ مِنْ اَحَدٍ عَمِلَ عَلَيْهَا خَيْراً وَّ شَرّاً اِلَّا هِيَ مُخْبِرَةٌ جيڪو به ٻانهو هن زمين تي ذَرّي برابر نيڪي ڪندو يا بُرائي ڪندو، قيامت جي ڏينهن اها زمين ان جي باري ۾ گواهي ڏيندي۔

ست ڀتر جبل بڻجي ويا...!

الحمد لله! اسان جي بزرگ سڳورن جي عادت هئي ته هو زمين کي پنهنجي ايمان جو گواھ بڻائيندا هئا۔ سيدي اعليٰ حضرت، امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري جبل پُور (هند) تشريف وٺي ويا، اتي جبلن جي پاسي مان لنگھيا ته ساڻس جيڪي مريد ۽ ٻيا ماڻهو هئا، اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ان تي پِيرِ ڪامِل سيدي اعليٰ حضرت امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: هنن جبلن کي ڪلمه شهادت پڙھي گواھ ڇو نٿا ڪيو...!! پوءِ پاڻ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌايائون: هڪ شخص جو معمول هو جڏهن مسجد ايندو هو ته 7 ڀتر جيڪي مسجد جي ٻاهران رکيل هئا، انهن وٽ ڪلمهء شهادت پڙھي پنهنجي ايمان جو گواھ بڻائيندو هو، اهڙي طرح جڏهن واپس موٽندو هو ته گواھ ڪندو هو، ان جي انتقال کان بعد ملائڪ ان کي جهنّم ڏانهن کڻي ويا، انهن