Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat
ست ڀترن 7 جبل بڻجي جهنّم جا ست ئي دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ چيائون: اسان هن جي ڪلمي پڙهڻ جا گواھ آهيون۔ هيئن ڀترن کي گواھ بنائڻ جي برڪت سان انهن کي جهنّم مان نجات ملي۔ پوءِ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڀني کي ترغيب ڏياريندي فرمايائون: جڏهن ڀتر جبل بڻجي جهنّم کان رُڪاوٽ بڻجي ويا پوءِ اهي ته جبل آهن۔ اهو ٻڌي سڀئي وڏي آواز سان ڪلمهء شهادت پڙھڻ لڳا۔ ([1])
جانشينِ اميرِ اهلسنت، الحاج مولانا عبيد رضا عطّاري مدني مَدَّ ظِلُّه الْعَالِي فرمائن ٿا: 1418 هجري جي ڳالھ آهي، اسان شارجه ۾ هئاسين، هڪ ڀيري ڪٿان کان لنگھي رهيا هئاسين جو شيخ طريقت امير اهلسنت حضرت علَّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه هڪ وڻ جي هيٺان بيٺا ۽ بلند آواز سان ڪلمو پاڪ پڙهيائون، پڇڻ تي ارشاد فرمايو: الحمد لله! مون ان وڻ کي بلند آواز سان ڪلمو پاڪ ٻڌي پنهنجي ايمان تي گواھ بڻايو آهي۔
شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي هڪ نرالي ادا هي به آهي ته پاڻ ڪيئي ڀيري مدينه پاڪ جي پاڪيزه وڻن کي ڪلمو پاڪ ٻڌائي پنهنجي ايمان جو گواھ بڻايو آهي۔ پنهنجي هڪ شعر ۾ لکن ٿا:
پڑھ پڑھ کے سنایا ہے انہیں کلمہ طیب ایماں پہ ہیں شاہد مرے اشجار مدینہ([2])
الله پاڪ اسان کي به زمين، وڻن، پٿرن وغيره کي پنهنجي نيڪين جو، پنهنجي ايمان جو گواھ بنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد