Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

شِدَّت ماپڻ جو آلو هوندو آهي۔ سائنسي وضاحتن مطابق * 3.0 کان وٺي 3.9 جي شِدّت جو جيڪو زلزلو ايندو آهي، ان ۾ اسان کي صِرف زمين جي ڌُڏڻ (Vibration) محسوس ٿيندي آهي * 8.0 يا ان کان وڌيڪ شِدَّت جو جيڪو زلزلو ايندو آهي، هي ايترو سخت هوندو آهي جو سڄي شهر کي مٽائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي سبب جبلن جون چٽانون پڻ ٽُٽي ڪِرڻ لڳنديون آهن * 1935 عيسوي ۾ پاڪستان جي شهر ڪوئٽه ۾ 7.8 جي شِدَّت جو زلزلو آيو هو، جنهن صِرف 30 سيڪنڊ ۾ سڄي شهر کي مليا ميٽ ڪري رکي ڇڏيو هو * ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ 2005ء ۾ ايندڙ زلزلو جنهن ڪشمير ۽ KPK جي ڪجھ علائقن کي متاثر ڪيو هو، هينئر تائين جي شديد ترين زلزلن مان هڪ آهي، ريڪٽر اسڪيل تي هن زلزلي جي شِدَّت 7.6 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي، ان زلزلي ايتري تباهي مچائي جو اڄ تقريباً 16 سال گذري ويا آهن، هينئر تائين ان تباهي جو نقصان پُورو نه ٿئي سگھيو آهي۔

قيامت واري زلزلي جي شِدَّت جو بيان

هي زلزلا جن جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي، جيڪي زمين جي ڪنهن مخصوص حِصّي ۾ تباهي آڻن ٿا، هنن زلزلن جي اچڻ جو هڪ ظاهري سبب جيڪو سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکيو، اهو هي ته هڪ وڏو جبل آهي، جنهن جا ريشا (پاڙون) زمين اندر پکڙيل آهن، جنهن زمين تي زلزلي جو حڪم ٿيندو آهي، اهو جبل پنهنجي ان هنڌ واري پاڙ کي حرڪت ڏيندو آهي، جنهن سان زلزلو ايندو آهي۔([1]) هاڻي ٿورو غور ڪيو! صِرف جبلن جون پاڙون جيڪي زمين ۾ آهن، اهي لُڏڻ لڳن ته اهڙي تباهي ايندي آهي، دِليون ڏڪي وينديون آهن، سائنسي آلات صِرف پيمائش ڪري سگھن ٿا، زلزلي کي روڪي نٿا سگھن، وڏيون وڏيون مضبوط عمارتون ڊهي زمين تي اينديون آهن، انسان چاهي ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هجي، ڏڪڻ لڳندو آهي، هاڻي ٿورو ان زلزلي جي شِدَّت جو تَصَوُّر ڪيو! جڏهن جبلن جون پاڙون نه حرڪت ڪنديون بلڪ


 

 



[1]... فتاوی رضویہ، جلد:27، صفحہ:93۔