Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

سڄي زِندگي جي لاءِ زبردست نصيحت

قربان وڃو! هنن 35 لفظن ۾ اهڙي زبردست نصيحت ڪئي وئي آهي جو جيڪڏهن اسان صِرف هن هڪ نصيحت کي مضبوطي سان پڪڙيون ۽ هن تي پُوري طرح عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته اسان جي سڄي زِندگي سَنورجي سگھجي ٿي۔ هڪ ڀيري هڪ شخص پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيائين: يارسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي قرآنِ ڪريم جي ڪا هڪ جامِع سُورت پڙھايو! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي سورت زِلزَال ٻُڌائي، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان سورت سڳوري جي مڪمل تِلاوت ڪئي ته ان شخص عرض ڪيائين: ان ذات جو قسم جنهن اوهان کي سچو نبي بڻائي موڪليو آهي! مان هميشه هن تي قائِم رهندس ۽ هن مان واڌ نه ڪندس۔ اهو چئي اهو شخص واپس هلي ويو۔ ان تي الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻه ڀيرا فرمايو: اَفْلَحَ الرُّوَيْجِلُ اَفلَحَ الرُّوَيْجِلُ ماڻهو ڪامياب ٿي ويو، ماڻهو ڪامياب ٿي ويو۔([1])

حضرت زيد بن اَسلَم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيو، پياري آقا، سيد الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کي فرمايائون: هن (نئين ايندڙ شخص) کي قرآنِ ڪريم سيکاريو...! اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ ان شخص کي سورت زِلزال سکائڻ شروع ڪئي، جڏهن ان سورت زِلزال جي ستين آيت سيکاري ته ان شخص چيو: بَس! مون کي ڪافي آهي۔ اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيائين: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ھن هينئر 7 آيتون ئي سکيون آهن ۽ چوي ٿو: مون کي ڪافِي آهي۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: هن کي ڇڏي ڏيو! هن کي فَقَاهت (يعني دِين جي سمجھ) مِلي وئي آهي۔([2])


 

 



[1]... سننِ ابو داؤد، کتاب الصلاۃ، صفحہ:230، حدیث:1399۔

[2]... تفسیر دُرِّ منثور، پارہ:30، سورۂ زلزال، جلد:8، صفحہ:596 ۔