Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

وَ قَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَاۚ(۳)

ترجمو ڪنز العرفان:۽ انسان چوندو: ھن کي ڇا ٿيو؟

يعني قيامت جي ان هولناڪ زلزلي جي وقت جيڪي ماڻهو موجود هوندا، اهي حيرت وچان چوندا: زمين کي ڇا ٿيو؟ هي ڇو هيئن زور زور سان لُڏي رهي آهي...؟ ([1])

امام فخر الدِّين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عالم سڳورن جو هڪ قول هي آهي ته جيڪي ڪافِر قيامت جو اِنڪار ڪن ٿا، جڏهن قيامت قائِم ٿيندي، مُردن کي ٻيهر زِنده ڪيو ويندو، تڏهن ڪافر حيرت وچان چوندا: مَا لَها؟ هن زمين کي ڇا ٿي ويو؟([2]) يعني اسان ته سمجھندا ئي نه هئاسين ته قيامت ايندي، هي ڪيئن اچي وئي؟ سُورت يٰسين شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مُردن کي ٻيهر زِنده ڪيو ويندو ته ڪافِر چوندا:

مَنْۢ بَعَثَنَا مِنْ مَّرْقَدِنَاﱃ  (پاره:23، سورۂ يٰسين، آيت:52)      

ترجمو ڪنز  العرفان: ڪنهن اسان کي اسان جي ننڊ مان جاڳايو؟

مسلمان جيڪي قيامت تي يقين رکن ٿا، اهي انهن ڪافِرن جي جواب ۾ چوندا:

هٰذَا مَا وَعَدَ الرَّحْمٰنُ وَ صَدَقَ الْمُرْسَلُوْنَ(۵۲)  (پاره:23، سورۂ يٰسين، آيت:52)     

ترجمو ڪنز  العرفان:   هي اهو آهي جنهن جو رحمٰن واعدو ڪيو هو ۽ رسولن سچ فرمايو.

سورت زِلزَال، آيت: 4-5 جي وضاحت

سورت زِلزَال ۾ وڌيڪ ارشاد آهي:


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۂ زلزال، زیرِ آیت:3، جلد:10، صفحہ:790۔

[2]... تفسیر کبیر، پارہ:30، سورۂ زلزال، زیرِ آیت:3، جلد:11، صفحہ:255۔