Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

فرمايائون: توهان کي خبر آهي ته هن (زمين) جون خبرون ڪهڙيون آهن؟ صحابي سڳورن رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰي عَنْهُمْ عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ ڄاڻن ٿا۔ حضورِ اَقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: زمين جون خبرون هي آهن ته زمين هر مرد ۽ عورت لاءِ ان جي عملن جي شاهدي ڏيندي، جيڪي انهن هن زمين تي ڪيا، هوء چوندي: هن فلاڻي ڏينهن اهو عمل ڪيو ۽ ان فلاڻي ڏينهن هي عمل ڪيو هو، هي ان جون خبرون آهن۔([1])

مسلمانن جي چوٿين خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين مولا علي مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي عادت مبارڪ هئي ته پاڻ جڏهن بيت المال مان خزانو ورهائيندا هئا ته اتي نماز پڙھندا هئا ۽ بيت المال جي در و دِيوار، ان جي زمين کي مخاطب ڪري فرمائيندا هئا: بيت المال جا در و دِيوار! گواھ ٿي وڃو! مون حق سان توهان ۾ خزانو وڌو ۽ حق سان خرچ ڪيو۔([2])

اي عاشقانِ رسول! اها زمين جيئن ته قيامت جي ڏينهن شاهدي ڏيندي، لهٰذا هن کان محتاط رهڻ گھرجي، اسان کي کپي ته اسان زمين کي پنهنجي نيڪين جو گواه بڻايون، زمين تي نمازون پڙھون، ذِڪرُ الله ڪري هن زمين کي، انهن وڻن کي، پٿرن کي، زمين جي ذَرّن کي پنهنجو گواھ بڻايون۔

رستي کي ذِڪرُ الله جو گواھ ڪندا هئا

هڪ بزرگ حضرت اَبُو الْمَلِيْح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه گذريا آهن۔ سندن مبارڪ عادت هئي ته ڪيڏانهن ويندي راھ ۾ ذِڪرُ الله ڪندا رهندا هئا، جيڪڏهن ڪڏهن ذِڪر ڪرڻ وساري ڇڏيندا هئا ته واپس موٽي ٻيهر ان راھ تان ذِڪرُ الله ڪندي لنگھندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: مان چاهيان ٿو ته مان زمين جي جنهن حِصي تان لنگھان هو قيامت جي ڏينهن منهنجي ذِڪرُ الله جي شاهدي ڏي۔ ([3])


 

 



[1]... ترمذی، صفحہ:577، حدیث:2429۔

[2]... تفسیر کبیر، پارہ:30، سورۂ زلزال، زیرِ آیت:4، جلد:11، صفحہ:255۔

[3]... تَنْبِيْهُ الْمُغْتَرَّيْن، صفحہ:88۔