Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

العالمين جي بارگاھ ۾ پيش ڪيا ويندا، ان ڏينهن توهان مان ڪنهن جي ڪا لڪيل حالت لڪي نه سگھندي۔([1])

گناہگارہوں میں لائقِ جہنّم ہوں                                                                                                                                              کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ!

برائیوں پہ پشیماں ہوں، رحم فرما دے                                                                       ہے               تیرے قہر پہ حاوی تری عطا یا ربّ!

گناہ بے عدد اور جرم بھی ہیں لا تعداد                                                                                                                                                            معاف کردے نہ سہ پاؤں گا سزا یا ربّ!

معمولي لاپرواهي جو انجام

حضرت حارث محاسبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص اناج وغيره ماپڻ جو ڪم ڪندو هو، پوءِ ان اهو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ الله پاڪ جي عبادت ۾ مَشغول ٿي ويو، جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته ان جي گھر مان ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏسي پڇيائين: مَا فَعَلَ اللهُ بِڪَ الله پاڪ تو سان ڪهڙو مُعَاملو فرمايو؟ ان چيائين: منهنجو اهو پيمانو (مثال طور ترازُو وغيره) جنهن جي ذريعي مان اَن ماپيندو هئس، (منهنجي بي احتياطي جي ڪري) ان ۾ ڪجھ مٽي ڄمي وئي هئي، مون لاپرواهي ڪئي ۽ ان کي صاف نه ڪيو، پوءِ جڏهن به مان ان پيماني جي ذريعي اَن ماپيندو هئس ته اُن مٽي جي مِقدار اَن گھٽ ٿي ويندو هوا، بَس انهيء قُصُور سبب عِتاب ۾ گرفتار آهيان۔

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! بظاهر هڪ معمولي لاپرواهي جنّت ۾ داخلي کان رُڪاوٽ بڻجي وئي، لهٰذا اسان جي زِندگي جو هر هر لمحو قيمتي آهي، اسان جيڪيون ڳالهيون ٿا، اسان جيڪو ٻڌون ٿا، اسان جيڪو ڪيون ٿا، هي سڀ اسان جي اَعمال نامي ۾ محفوظ ٿي رهيو آهي، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن هي سڀ ڪجھ اسان جي سامهون رکيو ويندو۔ آه! جيڪڏهن اسان کان اسان جي گُنَاهن جو حساب ورتو ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ هاءِ! هاءِ! اڄ زبان


 

 



[1]... مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الزہد، جلد:8، صفحہ:149، حدیث:18۔