Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

سورت زِلزال جي آيت:6 جي وضاحت

سُورت زِلزال، آيت: 6 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

یَوْمَىٕذٍ یَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ﳔ لِّیُرَوْا اَعْمَالَهُمْؕ(۶)

ترجمو ڪنز العرفان: ان ڏينهن ماڻھو مختلف حالتن ۾ موٽندا ته جيئن انھن کي انھن جا عمل ڏيکاريا وڃن.

هن آيت جي هڪ معني هي آهي ته قيامت جي ڏينهن جڏهن قبرن مان ماڻهن کي اٿاريو ويندو ته اهي ميدانِ محشر ڏانهن ويندا ۽ مختلف حالتن ۾ هوندا، ڪنهن جو چهرو سفيد هوندو، ڪنهن جو چهرو ڪارو هوندو، ڪو سُوار هوندو ۽ ڪو زنجيرن ۽ ٻيڙين ۾ جڪڙيل پيدل هلي رهيو هوندو، ڪو امن جي حالت ۾ هوندو ۽ ڪو خوفزده هوندو۔ ۽ اهي سڀئي ميدانِ محشر ڏانهن ڇو ويندا؟ ان ڪري جو جيئن انهن کي انهن جا عمل ڏيکاريا وڃن۔([1])

سُورت زِلزال جي آيت:7-8 جي وضاحت

سُورت زِلزال جي آخري ٻن آيتن ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

فَمَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَیْرًا یَّرَهٗؕ(۷) وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا یَّرَهٗ۠(۸)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ جيڪو ھڪ ذري برابر ڀلائي ڪري اھو ۽ ان کي ڏسندو جيڪو ھڪ ذري برابر برائي ڪري اھو ان کي ڏسندو۔

هي آهي اسان جي ذِميداري جو بيان...! جيڪڏهن اسان اڌ منٽ جي به نيڪي ڪيون ته اها محفوظ رکي ويندي، اهڙي طرح ڪو ڪجھ سيڪنڊن جو به گُنَاھ ڪري ته اهو محفوظ رکيو ويندو ۽ قيامت جي ڏينهن سامهون رکيو ويندو۔ لهٰذا اسان تي لازم آهي ته اسان پنهنجي مختصر زندگي جو هڪ هڪ لمحو وڏي ذِميداري سان گذاريون، ڇو ته قيامت جي ڏينهن اسان جو ننڍي کان ننڍو عَمَل اسان جي سامهون رکيو ويندو۔


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۂ زلزال، زیرِ آیت:6، جلد:10، صفحہ:792۔