Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

هلي ٿي ته بِنا سوچڻ سمجھڻ جي هلي ٿي پوءِ ڪوڙ، غيبتون، چغليون، دِل آزاريون، خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گُنَاھ زبان سان ٿيندا ئي رهن ٿا، اکين جي پُوري طرح حِفَاظت به اسان کان نٿي ٿي سگھي، ڪنن کي بُريون ڳالهيون ٻڌڻ کان اسان نٿا بچائي سگھون ۽ وڌيڪ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گُنَاھ ڏينهن رات ٿين ٿا، آه! هي ڪمزور بدن، هاءِ! هاءِ! اهي جهنّم جا دردناڪ عذاب...! آه! جيڪڏهن محشر جي ڏينهن اَعمَال نامو کوليو ويو، جيڪڏهن اسان کان حِسَاب ورتو ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو...!!

    گناہگارہوں میں لائقِ جہنّم ہوں                                                                                                                                 کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یاربّ!

برائیوں پہ پشیماں ہوں، رحم فرما دے                                                                       ہے                تیرے قہر پہ حاوی تری عطا یا ربّ!

گناہ بے عدد اور جرم بھی ہیں لا تعداد                                                                                                            معاف کردے نہ سہ پاؤں گا سزا یا ربّ!

بارگاه اِلٰهي ۾ پيشي جو خَوف

ڪاش! اسان جي دِل ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري جو تَصَوُّر ويهي رهي، ڪاش! اسان هر وقت بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِري کي خيال ۾ رکي زِندگي گذارڻ وارا بڻجي وڃون۔ يقين مڃو! قيامت جو امتحان گھڻو سخت آهي، جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن اسان کان حِسَاب ورتو ويو ته ندامت جي علاوه ٻيو ڪجھ هٿ نه ورندو۔ حضرت منصُور مغربي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ نيڪ شخص جو انتقال ٿيو، مون انهن کي خواب ۾ ڏسي پڇا ڪئي: الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو مُعَاملو فرمايو؟ چيائون: الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاھ ۾ بيهاريو مان جنهن گُنَاھ جو اِقرار ڪندو هئس، الله پاڪ اُن گُنَاھ کي مُعَاف فرمائيندو رهيو پر شرم جي ڪري مان هڪ گُنَاھ جو اِقرار نه ڪري سگھيس، ان تي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مون کي اهڙي شرمندگي ٿي جو مان پگھر ۾ شل