Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

خُود جبل ريزه ريزه ٿي ڪپھ جي روئن جيان فضا ۾ وکڙجڻ لڳندا، تارا بارش جيان زمين تي ڇڻي ڪري پوندا، چنڊ ۽ سج بي نُور ٿي ويندا، وڏا وڏا گرھ پاڻ ۾ ٽڪرائجي ٽُڪرا ٽڪرا ٿي ويندا.

غور ڪيو! ان وقت جو زلزلو برپا ٿي ويندو، ڇا ان جي شِدَّت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو؟ ڇا ڪو سائنسي آلو آهي جيڪو ان زلزلي جي پيمائش ڪري سگھي...؟ يقيناً هر گز نٿو ڪري سگھي!!!

قيامت جي زلزلي جي هڪ مِثَال سان وضاحت

غيب ڄاڻندڙ نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جي ان زلزلي جي شِدَّت کي هڪ مِثَال سان سمجھايو، حديثِ پاڪ جو خُلاصو آهي: ان وقت زمين جو مِثَال هيئن هوندو، جيئن سمنڊ ۾ هڪ ڪشتي هجي، طُوفان ۾ ڦاسي پوي ۽ چئني طرفان زور دار طوفاني لهرون اچن ان ڪشتي کان ٽڪرائي رهيون هجن ۽ ڪشتي جا مُسَافر منهن ڀر ڪِري رهيا هجن، جنهن زور سان اها ڪشتي لُڏي رهي هوندي، قيامت جو زلزلو برپا ٿيڻ وقت زمين به اهڙي طرح لُڏي رهي هوندي۔([1])

قيامت واري زلزلي جون هولناڪيون

سيپاري: 17، سورت حج، آيت:1 ۽ 2 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَیْءٌ عَظِیْمٌ(۱) یَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّاۤ اَرْضَعَتْ وَ تَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا

ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ قيامت جو زلزلو وڏي سخت شيءِ آهي. جنهن ڏينهن توهان اُن کي ڏسندؤ(ته هي حالت هوندي جو) هر کير پيئندڙ ٻار کي وساري ويهندي ۽ هر حمل واري پنهنجو حمل ڪيرائي وجهندي.

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جڏهن


 

 



[1]... مُسْندِ اِسْحاق بن راہویہ، مُسْنَدُ ابی ہریرہ، جلد:1، صفحہ:261، حدیث:10، ملتقطاً ۔