Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

يعني اي منهنجا پٽ! بُرائي جيڪڏهن ڪڻڪ جي داڻي برابر (بلڪل ننڍڙي) هجي، پوءِ ايتري ننڍڙي هئڻ سان گڏوگڏ اها ڪهڙي ئي جڳھ ۾ هجي، اها جڳھ ڪيتري ئي لڪيل هجي، مثال طور پٿر جي چٽان ۾ هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمين ۾ هجي، اها بُرائي هر گز هرگز الله پاڪ کان لڪي نٿي سگھي، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان بُرائي کي حاضِر ڪندو ۽ ان جو حساب وٺندو۔([1])

اَعمال نامي ۾ سڀ ڪجھ موجود هوندو

افسوس! اهو وقت...! آه! اهو قيامت جو ميدان...! جڏهن سج سَوا مِيل جي مفاصلي تي رِهي باھ وسائي رهيو هوندو، ٽامي جي ٽهڪندڙ زمين هوندي، ماڻهو گرمي سان بيتاب، پگھر سان ڀريل هوندا، ڪجھ ته پنهنجي ئي پگھر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا، حضرت آدَم عَلَيْهِ السَّلَام کان وٺي قيامت تائين ايندڙ تمام انسان ميدانِ محشر ۾ هوندا، آه! ان وقت اسان جو اَعمال نامو اسان جي هٿ ۾ ڏنو ويندو... آه! صد ڪروڙ آه! مُجرِم ۽ گنهگار جڏهن پنهنجو ڪارو ڪارو، گناهن ڀريو اَعمال نامو ڏسندا ته حسرت ۽ ندامت سان دانهون ڪندا:

یٰوَیْلَتَنَا مَالِ هٰذَا الْكِتٰبِ لَا یُغَادِرُ صَغِیْرَةً وَّ لَا كَبِیْرَةً اِلَّاۤ اَحْصٰىهَاۚ- (پاره:15، سورۂ کہف، آيت:49) 

ترجموڪنز العرفان: ھاءِ اسان جي بربادي! ھن اعمال نامي کي ڇا ٿيو آھي جو ان ھر ننڍي ۽ وڏي گناھ کي شمار ڪري ورتو آھي۔

مسلمانن جي ٻئي خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ هڪ ڀيري خُطبو ڏيندي فرمايائون: اي انسانو! توهان جو حساب ورتو وڃي ان کان پهريان پنهنجو حِسَاب ڪريو ۽ عمل تورڻ کان پهريان پنهنجي عملن جو وزن ڪيو! ان ڏينهن جي تياري ڪيو جنهن ڏينهن توهان سڀئي الله رَبُّ


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:21، سورۂ لقمان، زیرِ آیت:16، جلد:7، صفحہ:493۔