Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

یَوْمَىٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَاۙ(۴)

ترجمو ڪنز العرفان: ان ڏينهن اھا پنھنجون خبرون ٻڌائيندي۔

يعني جڏهن هي مُعَامَلات ٿي ويندا، قيامت قائِم ٿي ويندي، سڀئي ميدانِ مَحشَر ۾ پهچي ويندا، تڏهن زمين چوندي، زَمين پنهنجون خبرون بيان ڪندي، زمين ٻڌائيندي ته ڪنهن زمين تي ڪهڙا عَمَل ڪيا؟([1]) ۽ هي ڪيئن ٿيندو؟ زمين ته بي جان آهي، ان جي ته زبان ئي نه آهي، پوءِ زمين ڪيئن چوندي؟ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

بِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَاؕ(۵)

ترجمو ڪنز العرفان: ان ڪري جو تنھنجي رب هن کي حڪم ڏنو۔

الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي الله پاڪ وڏي فضيلتن سان نوازيو، جن کي الله پاڪ قدرت عطا فرمائي، سندن اشاري سان چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي ويندو هو، هو اشارو ڪن ته پٿر ڪلمو پڙھندا هئا، سندن برڪت سان بي جانن ۾ جان پئجي ويندي آهي، وڻ، پٿر سندن خِدمت ۾ سلام عرض ڪندا هئا، جڏهن الله پاڪ جا محبوب نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جي عطا سان ايتري قدرت رکن ٿا ته خُود الله پاڪ جي قُدرت جو ڇا عالَم هوندو...!! لهٰذا زمين توڙي جو بي جان آهي، زمين ڳالهائي نٿي سگھي، زمين جي زبان نه آهي، زمين جا ڪن ۽ اکيون نه آهن پر الله پاڪ جي قُدرت آهي جو اها زمين اسان جي عملن کي ڏسي ٿي ۽ قيامت جي ڏينهن جڏهن الله پاڪ حڪم ڏيندو ته هي زمين چوندي ۽ اسان جي عملن جي باري ۾ خبر پڻ ڏيندي۔

قيامت جي ڏينهن زمين شاهدي ڏيندي

حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اها آيت یَوْمَىٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَاۙ(۴) تلاوت فرمائي، پوءِ


 

 



[1]... تفسیر کبیر، پارہ:30، سورۂ زلزال، زیرِ آیت:4، جلد:11، صفحہ:255۔