Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

آتش بازي ڪئي وئي، جنهن سبب 300 افراد هلاڪ ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا * برطانيه ۾ 2020 جي نيو ائير نائٽ تي ٿيندڙ آتش بازي 1362 ماڻهن کي متاثر ڪيو، انهن مان کوڙ سارن جا عضوا بيڪار ٿي ويا، 40 گھرن کي باھ لڳي وئي، 500 گاڏيون تباھ ٿي ويون ۽ 4 هزار 825 جانور به سڙي مَري ويا * هڪ سروي مطابق نيو ائير نائٽ تي صرف امريڪه ۾ 171 ارب ڊالر جو شراب پيتو ويندو آهي، 600 ملين ڊالر جي آتش بازي ٿيندي آهي ۽ نوجوان اربين ڊالر ناچ گانن وارن ڪلبن ۾ اُڏائي ڇڏيندا آهن۔

وہ ہے عیش وعشرت کا کوئی محل بھی                                                                                                    جہاں تاک میں ہرگھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اس جہل سےتُو نکل بھی                                                    یہ جینےکا انداز اپنا بدل بھی

 جگہ جی لگانےکی دنیانہیں ہے                                                                                                                                                                                    یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

نيو ائير نائٽ ڪيئن ملهايون...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هوئين ته اسلامي سال شروع ئي مُحَرَّمُ الحرام کان ٿيندو آهي ۽ شروع ٿيندي ئي اسان کي مسلمانن جي ٻئي خليفي اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي تقويٰ ۽ پرهيز گاري جي، سندن عشق رسول جي، سندن عدل و انصاف جي ياد ڏياري ٿو۔ پوءِ ان سان گڏوگڏ شهداءِ ڪربلا، بالخصوص امامِ عالي مقام، امامِ عرش مقام حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ جي دين سان محبت، دِين جي لاءِ ڏنل سندن قربانين جي ياد ڏياري ٿو ۽ غفلت کان بيداري جو پيغام ڏي ٿو۔

بهر حال! جيڪڏهن ڪو عيسوي تاريخ جي لحاظ سان به نئين سال جو استقبال ڪرڻ چاهي ته ان جا کوڙ جائِز بلڪ نيڪين ڀريا طريقا ٿي سگھن ٿا، مثال طور * نئون سال شروع ٿيڻ سان فِڪرِ آخرت جو دَرس حاصِل ڪيو يعني هي غور فرمايو ته ”منهنجي زِندگي مان هڪ سال گھٽ ٿي ويو ۽ مان موت کان وڌيڪ قريب ٿي ويس، ان سان گڏوگڏ جيڪو سال گذريو آهي، ان جو