Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو قرآنِ ڪريم جي هي 35 لفظ (يعني مڪمل سورت زِلزال) جيڪڏهن انهن کي سمجھي ذِهن ۾ ويهاريو وڃي ۽ ٻانهو ان جي مطابق زِندگي گذاري ته اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! سڄي زِندگي ڪامياب گذرندي۔

مری زندگی بس تری بندگی میں         ہی ہے اے کاش گزرے سدا یااِلٰہی! ([1])

سورت زلزال جو مرڪزي مضمون

بنيادي طَور تي سورت زِلزَال ۾ انسان جي ذِميداري (Responsibility) جو بيان آهي يعني اهو ٻڌايو ويو آهي ته انسان هن دُنيا ۾ بي لگام نه آهي بلڪ هي پنهنجي زِندگي جي هڪ هڪ منٽ جو خُود ذِميدار آهي، هي هن دُنيا ۾ چڱائي ڪري يا بُرائي ڪري، ان جو هر ننڍي کان ننڍو عمل به محفوظ رکيو ويندو، قيامت جي ڏينهن ان کي بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِر ڪيو ويندو ۽ هو پنهنجي هر هر عَمَل جو جواب دِه هوندو۔ غرض؛ انسان هن دُنيا ۾ جانورن جيان نه آهي بلڪ هو پنهنجي زِندگي جي هڪ هڪ گھڙي جو پاڻ ذِميدار آهي، ان کي گھرجي ته هر گھڙي سوچي سمجھي پُوري ذِميداري سان گذاري۔ اچو! سورت زِلزال جي وضاحت ٻڌون ٿا۔

سورت زِلزال جي پهرين آيت جي وضاحت

الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَاۙ(۱) (پاره:30، سورۂ زلزال، آيت:1)  

ترجمو ڪنز العرفان: جڏهن زمين ڌوڏي ويندي  جيئن ان جو ڌُڏڻ طئي آھي۔

زور دار جھٽڪا جيڪي بار بار اچن، انهن کي زلزلو چيو ويندو آهي۔([2]) زلزلا عام طور تي ايندا رهندا آهن ۽ هاڻي جديد دور آهي، اڄڪلھ ته زلزلن جي شِدَّت جي پيمائش به ڪئي ويندي آهي۔ ريڪٽر اسڪيل (Richter Scale) زلزلي جي


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:106۔

[2]... مفرداتِ امام راغب، صفحہ:231۔