Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

سڀاڻي جو انتظار نه ڪيو...!

هڪ اها مصيبت به اسان وٽ عام آهي: سڀاڻي ڪندس۔ کوڙ سارا ماڻهو نفس ۽ شيطان جي ڌوڪي ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي ڪوڙيون تسليون ڏيندا رهن ٿا، مثال طور مان سڀاڻي کان نيڪيون شروع ڪندس، هن جمعي کان نيڪ بڻجي ويندس۔ رمضان المبارڪ کان نمازون شروع ڪندس۔ سڀاڻي تَوبه ڪندس وغيره۔ هي محض نفس ۽ شيطان جي چال آهي۔ ٿورو غور ڪيو! سڀاڻي اچڻ تائين جيڪو يا رمضان المبارڪ اچڻ تائين جيڪو وقت آهي، هي وقت به ته اسان جي زِندگي ئي جو حِصو آهي، قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن ان وقت جو حِسَاب ورتو ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو...؟

ہےیہاں سے تجھ کو جاناایک دن                                                                                                                    قبر میں ہوگا  ٹھکانا ایک دن

منہ خدا کو ہے دکھانا ایک دن                                                                                                اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے                                                                       کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

ڪو بُرائي لڪي نٿي سگھي...!

        اي عاشقانِ رسول! اسان ۽ اسان جي زِندگي جو ڪو به لمحو الله پاڪ کان لڪي نٿو سگھي، قيامت جي ڏينهن اسان جو ننڍي کان ننڍو عمل به اسان جي سامهون ڪيو ويندو۔ حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري پنهنجي پٽ کي نصيحت فرمائي، جنهن کي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ذِڪر فرمايو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

یٰبُنَیَّ اِنَّهَاۤ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِیْ صَخْرَةٍ اَوْ فِی السَّمٰوٰتِ اَوْ فِی الْاَرْضِ یَاْتِ بِهَا اللّٰهُؕ-

(پاره:21، سورۂ لقمان، آيت:16)

ترجمو ڪنز  العرفان:  اي منهنجا پٽ! برائي جڏهن رائي جي داڻي جي برابر هجي پوءِ اها پٿر جي چٽان ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾، الله اُن کي آڻيندو.