Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

ٿي پيس ۽ منهنجي چهري جو گوشت ڇڻي پيو۔([1])

لاج رکھ لے  گناہگاروں کی                                                  نام رحمٰن ہے ترایاربّ!

عیب میرے نہ کھول محشر میں                                                                                               نام ستّار ہے ترا یاربّ!

بےسبب بخش دے نہ پوچھ عمل                                                                 نام غفّار ہے ترا یاربّ!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نيو ائير نائٽ (New Year Night) ۽ طوفانِ بدتميزي

پيارا اسلامي ڀائرو! نئون عيسوي سال يعني 2022 اچي رهيو آهي۔ 31 ڊسمبر جي رات جو 12 ٿيندي ئي ”نيو ائير نائٽ (New Year Night)“ جي نالي تي جيڪو طوفانِ بدتميزي برپا ٿيندو آهي، الامان والحفيظ! خاص ڪري نوجوان ته گھڻو ئي آپي کان ٻاهر ٿي ويندا آهن * ناچ گاني جون محفلون سجن ٿيون * شراب پيتو ويندو آهي * جوا کيڏيو ويندو آهي * رات جو 12 ٿيندي ئي ڪروڙين روپيا آتش بازي جي نالي تي ساڙي رک ڪيا ويندا آهن * هوائي فائرنگ ٿيندي آهي * ڇڙواڳ نوجوان روڊن تي هُل هنگامو ڪندا آهن * ڪيئي نوجوان ته وَن وِيلنگ (One Wheeling) ڪندي موت جو شڪار پڻ ٿي ويندا آهن۔

”نيو ائير نائٽ“ جي پروگرامن جون تباھ ڪاريون

”نيو ائير نائٽ“ جي نالي تي ٿيندڙ فنڪشنز (Functions) ۾ ڪيئي ماڻهو زهريلو شراب پي يا هوائي فائرنگ سبب يا آتش بازي جي نتيجي ۾ باھ ۾ سڙي مري ويندا آهن۔ مختلف خبرن مطابق * پيرا گوءِ ۾ نيو ائير نائٽ تي آتش بازي جي نتيجي ۾ 400 افراد هلاڪ ۽ سوين زخمي ٿيا * بيونس آئرس نالي هڪ شهر ۾ نئين سال جي خوشي ۾ موسيقي جي هڪ پروگرام دوران


 

 



[1]... احیاءُ العلوم، جلد:5، صفحہ:654۔