Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

وقت برباد ڪرڻ اندازِ مسلماني نه آهي!

اسان وٽ کوڙ سارا ڪم بَس ”هئين ئي (يعني فُضُول ۾) ڪيا ويندا آهن، بازار ڇو وئين هوئين؟ هئين ئي۔ ڇو کيڏي رهيا آهيو؟ هئين ئي۔ موبائل تي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ڪجھ نه بس هئين ئي۔ فُلاڻو ڪم ڇو ڪيو؟ هئين ئي۔ دوستن سان گڏ ڇا ڪري رهيو هوئين؟ ڪجھ نه بَس هئين ئي، ٽائِم پاس۔ هي جيڪو ”هئين ئي (يعني هروڀرو، فُضُول) آهي، يقين مڃو! هي هڪ مسلمان جي زبان تي جچي ئي نٿو، مسلمان قيامت تي يقين رکي ٿو، اسان جو عقيدو آهي ته قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيڻو آهي، اسان کان پڇيو ويندو، پوءِ هي ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته اسان ڪو ڪم بنا سوچي سمجھڻ جي بَس ”هئين ئي“ يعني فُضُول ۾ ڪيون...؟

حضرت شُرَيح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻن شخصن کي فضول ڪم ۾ ڏٺائون ته فرمايائون: اَلْفَارِغُ مَا اُمِرَ بِهَذٰا فارِغ شَخص کي هن ڪم جو حڪم ناهي ڏنو ويو، الله پاڪ جو فرمان آهي:

فَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَبْۙ(۷) (پارہ 30، الم نشرح:7)       

ترجموڪنزالعرفان: جڏھن تون واندو ٿئين ته خوب ڪوشش ڪر۔

يعني پنهنجي فارِغ وَقت کي عِبَادت ۾ لڳايو مطلب هي ته جڏهن هڪ عِبَادت کان فارِغ ٿين ته ٻي عبادت شروع ڪر ۽ ڪنهن وَقت عِبَادت کان خالي نه رھُ ڇو ته عالَم کي پيدا ڪرڻ جو اَصلي مقصد اهو ئي آهي۔([1])

زندگی آمد برائے بندگی                                                                                         زندگی بے بندگی شرمندگی

وضاحت: يعني زِندگي الله پاڪ جي عِبَادت جي لاءِ آهي، عبادت جي بغير زِندگي زِندگي نه آهي بلڪ شرمندگي بڻجي ويندي آهي۔


 

 



[1]... انوارِ جمالِ مصطفٰے صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم، ص323 بتغیّر قلیل۔