Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلمِ دِين سکندس * پورو بيان ٻڌندس * بااَدب ويهندس * تَوَجُّھ سان ٻڌندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سورت زلزال جي فضيلت

صحابي رسول حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جنهن سورت زِلزال جي تِلاوت ڪئي، هي ان جي لاءِ نِصف (يعني اڌ) قرآن جي برابر آهي، جنهن سوره ڪافِرون جي تِلاوت ڪئي، هي ان جي لاءِ (قرآن جي) چوٿين حصي (One 4th) قرآن جي برابر آهي ۽ جنهن سورت اِخلاص جي تِلاوت ڪئي، هي ان جي لاءِ (قرآن جي ٽن حصن مان) هڪ حصي (One 3rd) قرآن جي برابر آهي۔([2])

تلاوت کی توفیق  دیدے الہٰی!                                                              گناہوں کی ہو دور دل سے سیاہی

پيارا اسلامي ڀائرو! * سورت زِلزال مَڪي (يعني هجرت کان پهريان نازِل ٿيندڙ) سُورت آهي * ٽيهين سيپاري ۾، قرآنِ ڪريم جي مختصر سُورتن مان آهي * هن سورت ۾ هڪ رڪوع، 8 آيتون ۽ 35 لفظ آهن۔([3])


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔

[2]... ترمذی، کتاب: فضائلُ القرآن، صفحہ:672، حدیث:2893۔

[3]... تفسیر صِراطُ الجنان، پارہ:30، سورۂ زلزال، جلد:10، صفحہ:787۔