Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

* ها! ها! منهنجي ئي خاطر توهان هڪ ٻئي جو ڳلو ڪپيندا هئا * منهنجي لاء توهان پنهنجي ڀاءُ جو گريبان پڪڙيندا هئا * منهنجي ئي لالچ ۾ توهان ماءُ پيءُ کي ڏُک پهچائيندا هئا * منهنجي ئي لاءِ توهان ڀڄ ڊڪ ڪندا هئا * مون کي حاصِل ڪرڻ جي حِرص ۾ ئي توهان نمازون قضا ڪندا هئا
* روزا ڇڏيندا هئا۔ آه...! ان وقت سون چاندي وغيره ماڻهن کي زبانِ حال سان پُڪاري رهيا هوندا پر ڪو انهن ڏانهن اک کڻي ڏسڻ وارو نه هوندو۔

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: زمين سون چاندي جي ٿنڀن جيان پنهنجي جگر جا ٽڪر اڇلائيندي * قاتِل انهن کي ڏسي چوندا: اهڙي (مال) جي ڪري ته مون قتل ڪيو هو * رشتيداري ٽوڙڻ والا چوندو: انهيء ڪري مون رشتيداري ٽوڙي هئي * چور ڏسي چوندو: انهيء مال جي ڪري مون چوري ڪئي هئي ۽ منهنجو هٿ ڪپيو ويو هو۔ پوءِ سڀئي ان مال کي ڇڏي ڏيندا ۽ ڪو ان مان زرو به نه کڻندو۔([1])

دولتِ دنیا کے پیچھے تو نہ جا                                                                                                 آخرت میں مال کا ہے کام کیا؟

مالِ دنیا دو جہاں میں ہے وبال                                                                                                                                                  کام آئے گا نہ پیشِ ذو الجلال

ہو عطا یاربّ! ہمیں سوزِ بلال                                                                                      مال کے جنجال سے ہم کو نکال([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سُورت زِلزال جي ٽئين آيت جي وَضَاحت

الله پاڪ سُورت زِلزَال ۾ وڌيڪ ارشاد فرمائي ٿو:


 

 



[1]... مسلم، کتاب الزکاۃ، صفحہ:363، حدیث:1013۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:709-710۔