Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

راھ) تي هلڻ واري تي پنج ڳالهيون لازِم آهن: (1): رات جو اڪيلائي ۾ الله پاڪ جي ياد ۾ مشغول رهي (2): دِل ۾ الله پاڪ جي محبت پيدا ڪري (3): هر رات کي قبر جي رات سمجھي (4): جڏهن ڏينهن نڪري ۽ ماڻهو ننڊ کان بيدار ٿئي ته هيئن تَصَوُّر ڪري ته ڄڻ هي قيامت جو ڏينهن آهي ۽ هو قبر مان نڪري بيٺل آهي (5): هر ڏينهن کي پنهنجي لاءِ قيامت جو ڏينهن سمجھي ۽ پنهنجن عملن جو پاڻ ئي حساب ڪري۔([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

اي عاشقانِ رسول! پنهنجي زِندگي کي بامقصد بنائڻ، خوفِ خُدا جي نعمت، نيڪيون ڪرڻ ۽ ايمان جي حِفَاظت جي لاءِ تڙپڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حِصو وٺو! انْ شآءَ اللهُ الْڪَرِيم! دِين و دُنيا جون کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع به آهي۔ اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ مدني انقلاب

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زِندگي گذاري رهيو هئس، دُنيوي لذّتن ۾ مَصرُوف رهڻ منهنجو معمول هو، بُرن دوستن جي صحبت مون کي اڃا وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان گڏجي سڄي رات گُنَاهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مَغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اَثَر هو جو مان ان سان گڏ مسجد ڏانهن ويس، مغرب نماز پڙهي، نماز کان بعد هڪ


 

 



[1]... مناقبِ سلطانی، صفحہ:251۔