Aur Ibrat-o-Naseehat

Book Name:Aur Ibrat-o-Naseehat

ڏسو ته ان ۾ دُنيا کان بي رغبتي ۽ گھٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي وئي آهي ته ان جي قربت ۽ صحبت اختيار ڪيو ڇو ته ان کي حڪمت ڏني ويندي آهي۔([1])

        اي عاشقانِ رسول! * مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي * مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ اِنْ شآءَ اللهُ الْڪَرِيم ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ننڍا وڏا توهان جي عزت ڪندا * وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه دوست پاڻ ۾ بي تڪلفي سان ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي * کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شآءَ اللهُ الْڪَرِيم عُمدا ٿيندا ۽ ٻار به ادب سکندو * ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي * جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي * ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو * گھڻو ڳالهائڻ ۽ هر هر ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي * فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: ”جيڪو چُپ رهيو، ان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو۔ ”مرآت شريف“ ۾ آهي: حضرت سيدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته گفتگو جا چار قسم آهن؛       (1) خالص مُضِرّ (يعني مڪمل طور تي نقصان ڏيندڙ) (2) خالص مفيد (يعني فائديمند) (3) مُضِرّ به مفيد به (4) نه مُضر نه مفيد۔ خالص مُضِر (يعني مڪمل نقصان ڏيندڙ) کان هميشه بچڻ ضروري آهي۔ خالص مفيد ڳالهه ضرور ڪريو، جيڪو ڪلام مُضِرّ به هجي ۽ مفيد به اُن جي


 

 



[1]... سننِ اِبْنِ ماجہ، کتاب الزہد، صفحہ:667، حدیث:4101۔