Book Name:Tabrukat Ki Barakat

اِنَّ الصَّفَا وَ الْمَرْوَةَ مِنْ شَعَآىٕرِ اللّٰهِۚ-  (پاره:2،سورۂ بقره:158)

ترجمو ڪنز الايمان:بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين مان آهن۔

 يعني صَفَا ۽ مَروَه، ٻه مقدس جبل جتي الله جي نيڪ ٻانهيءَ، حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام جي والده، حضرت هاجره رَحمةُ الله عليها پاڻي جي ڳولها ۾ ست (7)چڪر لڳايا، اهي ٻئي جبل ڪعبي شريف جي ويجھو آهن، قيامت تائين جي لاءِ جيڪو ٻانهو حج ڪري، جيڪو ٻانهو عمرو ڪري ان تي حضرت هاجره
رَحمةُ الله عليها جي ياد ۾ انهن جبل تي ڊوڙڻ، ست (7) چڪر لڳائڻ ضروري آهي۔ خبر پئي ته انبياءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام، الله جي نيڪ برگزيده ٻانهن جا تَبَرُّڪات عظمت واريون شيون آهن، انهن جي تعظيم ڪرڻ دين جي علامت آهي۔

تَبَرُّڪات جي تعظيم دل جي تقويٰ جي نشاني آهي

قرآنِ ڪريم شَعَائِرُ الله جي تعظيم ڪرڻ کي دِل جي تقويٰ فرمايو آهي، ارشاد آهي:

وَ مَنْ یُّعَظِّمْ شَعَآىٕرَ اللّٰهِ فَاِنَّهَا مِنْ تَقْوَى الْقُلُوْبِ(۳۲) (پ17،الحج:32)

ترجمو ڪنز الايمان: جيڪو الله جي نشانن جي تعظيم ڪري ته اها دلين جي پرهيزگاري آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تبرڪات سان برڪت حاصِل ڪرڻ جو حڪم

   بُخاري شريف، حديث:2889، خادِمِ مصطفيٰ حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: هڪ ڏينهن الله جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خيبر کان واپس موٽي رهيا هئا، صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان به گڏ هئا، مدينه مُنَوَّره جي ويجھو پهتا، اُحد جي چوٽي نظر اچڻ لڳي، زِنده نبي، مڪي مدني