Book Name:Tabrukat Ki Barakat

طاعون (Plague) جو مرض ظاهر ٿيو ۽ ايتري شِدَّت اختيار ڪري ويو جو روزانو هڪ هڪ هزار جنازا کڄڻ لڳا۔ ماڻهو گھٻرائجي ولين جي سردار، حُضور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيا ۽ پريشاني جو ذِڪر ڪيو۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اسان جي مدرسي جي آس پاس جيڪو گاھ آهي، اهو جسم تي لڳايو ۽ ان کي کائو، الله پاڪ ان جي برڪت سان بيمارن کي شِفَا ڏيندو۔ وڌيڪ فرمايائون: جيڪو اسان جي مدرسي جي کوھ جو پاڻي پيئندو، ان کي به شفا ملندي۔ ماڻهن سندن فرمان تي عمل ڪيو ته الحمد لله! انهن کي شفا ملڻ لڳي۔ راوي چون ٿا: ان کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ظاهري زندگي ۾ ڪڏهن به بغداد ۾ طاعون(Plague) نه آيو۔([1])

خدارا! مَرہَمِ خاکِ قَدَم دے                         جگر زخمی ہے، دِل گھائل ہے یا غوث! ([2])

 گلن جي هار ۾ هر مرض جي شفا

”حياتِ اعليٰ حضرت“ ۾ آهي: سيد ايوب علي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ اعليٰ حضرت، امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا عطا ڪيل گل هئا، فرمائن ٿا: جيستائين اهو تبرڪ مون وٽ موجود رهيو مون کي ڪڏهن دَوا جي ضرورت ڪانه پئي، مٿي جو سور ٿيندو هو ته انهن گلن کي پيسي پيشاني تي لڳائيندو هيس، بُخار، زڪام، کنگھ وغيره ٿيندي هئي ته انهن ئي گلن کي پيسي، پاڻي ملائي پي وٺندو هيس ۽ الله پاڪ جي ڪرم سان مرض ختم ٿي ويندو هو۔([3])

تبرڪ جي برڪت سان نماز جي پابندي نصيب ٿي وئي

      اي عاشقانِ رسول، اي عاشقانِ اولياء! الحمد لله! تَبَرُّڪات جي برڪت


 

 



[1]   تَفْرِیْحُ الخاطِر، صفحہ:43۔

[2]   حدائق بخشش، صفحہ:262۔

[3]   حیات اعلیٰ حضرت، 3/205۔