Book Name:Tabrukat Ki Barakat

۾ تمام گھڻو سڪون مليو۔([1])

اولياءِ ڪرام جا ڪم به بابرڪت آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جي ادائن کي اَدا ڪرڻ به تبرڪ جي هڪ صُورت آهي۔ شاھ ولي الله محدث دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو دِل کي پاڪ ڪري ملائڪن جيان بڻجڻ چاهي ٿو، اهو ٻه 2ڪم ڪري (1):پاڪ صاف رهڻ جو اهتمام ڪري (2): ۽ پُراڻيون مسجدون جتي اولياءِ ڪرام نماز پڙھي هجي، اتي نماز ادا ڪري۔([2])

اهڙي طرح جيڪو ڪم ڪنهن الله واري شروع ڪيو هجي، اهو ڪم ڪرڻ مثال طور يارهين شريف جي محفل سجائڻ، قصيده بُردَه شريف پڙھڻ، دُرُودِ تاج جو وظيفو ڪرڻ وغيره به برڪت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي۔ الحمد لله! دورِ حاضِر ۾ ”تبرڪاتِ اولياء“ جو فيضان مزيد عام ڪرڻ، ماڻهن جي دلين ۾ تبرڪات جي محبت وڌائڻ ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول جي هڪ خوبي اها آهي ته هن ماحول ۾ ”تبرڪاتِ اولياء“ جو ادب واحترام ڪرڻ، انهن مان برڪتون ماڻڻ جي ترغيب ته ڏني ئي ويندي آهي، گڏوگڏ ”ڪردارِ اولياء“ مان برڪتون وٺڻ، اولياءِ ڪرام جون ادائون اپنائڻ جي به خوب تربيت ڪئي ويندي آهي۔ مثال طور دين جي تبليغ جي لاءِ گھر ڇڏڻ، دين جي راھ ۾ قربانيون ڏيڻ اولياءِ ڪرام جو محبوب عمل آهي، هن ”اداءِ اولياء“ جي برڪت ماڻڻ، سنتون عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي تحت هزارين عاشقانِ رسول مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهن ٿا۔ گھٽين، بازارن ۾، گھر وڃي، هڪ هڪ سان ملي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، سُنت تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ، اصلاحِ نفس


 

 



[1]   شرح شجرہ قادریہ رضویہ عطّاریہ، صفحہ:159۔

[2]   فیوض الحرمین (مترجم)، صفحہ: 25-26۔