Book Name:Tabrukat Ki Barakat

جو ذِهن بنائڻ اولياءِ ڪرام جو طريقو رهيو آهي، الحمد لله! دعوتِ اسلامي وارا به انفرادي ڪوشش جون برڪتون ماڻيندا، گھر گھر، دُڪان دُڪان وڃي علاقائي دورو ڪندا ۽ اداءِ اولياء اپنائيندا آهن.

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: مسجد درس

دَرس ڏيڻ انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام ۽ اولياءِ ڪرام جو محبوب عمل آهي الله جا نبي حضرت خَنُوخ عَلَيۡهِ السَّلام ايترو ڪثرت سان دَرس ڏيندا هئا جو سندن لقب ئي اِدريس (درس ڏيڻ وارو) پئجي ويو هو، اسان جا پير غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان دَرس ڏيندو رهيس، ايستائين جو الله پاڪ مون کي قُطبِيت جو درجو عطا ڪيو۔ الحمد لله!عاشقانِ انبياء و اولياء جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي مسجد دَرس جي صُورت ۾، گھر درس جي صُورت ۾، چوڪ دَرس جي صُورت ۾ هن ديني ڪم کي تمام گھڻو عام ڪيو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم آهي: مَسجِد دَرس۔ * مَسجِد دَرس ڇا آهي؟ ڪيئن ڏنو ويندو آهي؟ * اسان مَسجِد دَرس ڏيڻ ڪيئن سکي سگھون ٿا؟ * مَسْجِد دَرْس جا ڪهڙا فائدا آهن؟ هن سان ڪهڙيون برڪتون ملن ٿيون؟ هن باري ۾ ٻي مفيد معلومات جي لاءِ 52 صفحن جو رسالو ”مسجد دَرس“ مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو۔ اوهان اهو رِسالو دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊاؤنلوڊ به ڪري سگھو ٿا۔

مسجد دَرس جي مدني بهار

   اچو! دَرسِ فيضانِ سُنّت جي هڪ بهار ٻڌايان ٿو۔ ڪوٽ مومن (ضلع سرگوڌا) جي هڪ قريبي ڳوٺ للياني ”ڊيره محمد علي شيخ“ جي رهندڙ هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مان گُنَاهن ۾ غرق هيس ۽ گُنَاھ ڪري ڪري منهنجي دِل سخت ٿي چڪي هئي، بدنگاهي ۽ والدين جي نافرماني جهڙا گُنَاھ منهنجي