Book Name:Tabrukat Ki Barakat

کان وٺي هاڻي تائين اسلامي معاشري جو معمول رهيو آهي ته مسلمان تَبَرُّڪات جو ادب ڪندا آهن ۽ انهن مان برڪتون حاصِل ڪندا آهن۔ اَولِياءِ ڪرام جو لباس مُبَارَڪ هجي، انهن جي لباس جو ڌاڳو هجي، عمامو شريف، انهن جا وار مبارڪ، انهن جا استعمال ڪيل ٿانو وغيره ملي وڃن ته اهڙين شين کي چُمندا، اکين تي لڳائيندا، مٿي تي رکندا، هٿ لڳائي پنهنجي جسم تي ڦيريندا، انهن جي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعائون گھرندا آهن۔ * تَبَرُّڪات جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ * ڇا قرآنِ ڪريم ۾ به تَبَرُّڪات جو ذِڪر آهي؟ * هدايت بڻجي ايندڙ نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تَبَرُّڪات جي باري ۾ ڪهڙي تعليم ڏني؟ * انهن تَبَرُّڪات مان ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصِل ٿين ٿيون، ان باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، الله پاڪ اسان کي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ دُرست ڳالھ ڪرڻ، ٻڌڻ ۽ عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

ڦورو مُحَافِظ بڻجي ويا

عرب جو هڪ شاعِر گذريو آهي: دِعبَل خُزاعِي۔ هڪ ڀيري هن اهلِ بيت جي شان ۾ قصيدو لکي اِمام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيو۔

امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سَيد زاده آهن، سَيدُ الشُّهدَاء، مظلومِ ڪربلا، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اَولاد مان آهن، امام موسيٰ ڪاظِم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا پٽ ۽ سلسله عاليه قادريه رضويه جا بُزُرگ آهن، پاڻ 153 هجري تي مديني پاڪ ۾ پيدا ٿيا ۽ 50 سال جي عمر ماڻي 203 هجري ۾ دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، تمام وڏا عالم، فاضِل، متقي، پرهيزگار، عبادت گذار ۽ باڪرامت ولي هئا۔([1])


 

 



[1]   شرح شجرہ قادریہ، صفحہ:63، خلاصۃً۔