Book Name:Tabrukat Ki Barakat

قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ یَبْصُرُوْا بِهٖ فَقَبَضْتُ قَبْضَةً مِّنْ اَثَرِ الرَّسُوْلِ فَنَبَذْتُهَا (پاره:16،سورۂ طٰهٰ:96)

ترجمو ڪنز الايمان: چيائين مون اهو ڏٺو جيڪو ماڻهن نه ڏٺو هو پوءِ هڪ مٺ ڀري ورتم ملائڪ جي نشان وٽان، پوءِ ان کي ڦٽي ڪيم.

يعني: اي موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام! مون اهو ڏٺو جيڪو بني اسرائيل کي نظر نه آيو، مطلب مون جبريل عَلَيۡهِ السَّلام کي ڏسي انهن کي سڃاڻي ورتو، اهي گھوڙي تي سوار هئا، جيئن ته مون انهن جي گھوڙي جي قدمن جي نشان تان مٽي جي هڪ مٺ کنئي، پوءِ ان کي گابي ۾ وجهي ڇڏيو، انهيء سبب سان اهو گابو زِنده ٿي ڳالهائڻ لڳو۔([1])

ڏسو! اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلام جي گھوڙي جي پيرن مان لڳڻ واري مٽي جي لاءِ لفظِ ”اَثَر“ اِستِعمال ڪيو۔ ۽ سُبْحٰنَ الله! ڪمال ڏسو! حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلام الله جا پيارا آهن، اهي بيشڪ بابرڪت آهن پر واسطن جي ڳڻپ ڪريو: حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلام الله جا پيارا، انهن سان گھوڙي کي نسبت ٿي، گھوڙي جي قدمن کان مٽي کي نسبت ٿي، ان مٽي جي اندر الله پاڪ ايتري تاثير پيدا ڪئي جو اها مٽي لڳڻ سان بي جان گابي ۾ جان اچي وئي، اهو ڳالهائي نه سگهندو هو سُو ڳالهائڻ لڳو۔ الله اڪبر! خبر پئي ته تَبَرُّڪات زِندگي بخشيندا آهن، انهن جي برڪت سان مرده دِليون زِنده ٿينديون آهن، مرده قومن کي عروج ملندو آهي ۽ الله پاڪ تَبَرُّڪات جي اندر مُردي ۾ جان وجھڻ جي به طاقت پيدا ڪندو آهي۔

اهو خدمت گارن جو شان آهي!!!

اي عاشقانِ رسول! هن مقام تي هڪ ٻيو ايمان افروز نڪتو آهي۔ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلام جن جي گھوڙي جي قدمن سان لڳڻ واري مٽي بي جان


 

 



[1]    تفسیر صراط الجنان، پارہ:16، سورۂ طٰہٰ، تحت الآیۃ:95، جلد:6، صفحہ:235، بتغیر۔