Book Name:Tabrukat Ki Barakat

وجھي به برڪت حاصِل ڪيو! ([1])

خبر پئي ته تَبَرُّڪات جي زيارت جي لاءِ، انهن جي ويجھو وڃڻ، انهن کي ڇهڻ، انهن کي چُمڻ جي لاءِ جيتوڻيڪ ڊگھي لائن ۾ بيهڻو پوي، مشڪلات کڻڻي پئي، تڏهن به انسان کي گھرجي ته پاڻ کي مشقت ۾ وجھي، مشڪلاتون برداشت ڪري پر تَبَرُّڪات مان برڪت حاصِل ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏئي۔

ارے اَو ناسمجھ! قربان ہو جا ان کے روضے پر

یہ لمحے زندگی میں بار بار آیا نہیں کرتے  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تبرڪات جي برڪت سان اَمن ملندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! تَبَرُّڪات کي هر گز معمولي نه سمجھو۔ انهن جي صدقي ۾ بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون آهن۔ تَبَرُّڪات عذاب کان بچڻ، اَمن ۾ رهڻ جو ذريعو آهن۔ قرآنِ مجيد ۾ مِصر جو ذِڪر ٿيو، اتي فِرعون  حڪومت ڪندو هو، اهو ڪافِر هو، ان خُدائي جي دعويٰ ڪئي هئي، الله جي نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جي مقابلي ۾ تڪبر ڪيو، سرڪش بڻيو، ان زمين ۾ فساد ڦهلايو، الله پاڪ ان کي، ان جي پيروي ڪندڙ قوم کي دريا ۾ غرق ڪري هلاڪ ڪري ڇڏيو۔ قرآن مجيد پڙھو، ترجمو ڪنز الايمان، تفسير خزائن العرفان، نور العرفان، يا تفسير صراط الجنان پڙھو، قرآنِ مجيد کي سمجھو ۽ ڏسو الله پاڪ سيپاري 8، سُوْرَۂ اَعْرَاف ۾، سيپاري 19، سُوْرَۂ شُعَرَاء ۾ ۽ ڪيئي هنڌن تي ڪافِر قومن جو تذڪرو ڪيو، انهن تي عذاب آيو، قومِ عاد


 

 



[1]   فیض القدیر، جلد:1، صفحہ:239، تحت الحدیث:239 ماخوذًا