Book Name:Tabrukat Ki Barakat

مٽائيندس، 10 درجات بلند فرمائيندس ۽ ايتري ئي رحمت موڪليندس۔([1])

اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں                                           اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے

      ڪلامِ اعليٰ حضرت جي وضاحت: اهي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪي غافلن جي سار سنڀار لهڻ وارا آهن، ان تي درود ۽ سلام هجن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون             

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات اعمال جو دارو مدار نيت تي آهي۔([2])

اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي محبوب ٻانهن سان نسبت رکڻ واري شيء کي عُرف ۾ تَبَرُّڪ چوندا آهن۔ الحمد لله! صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان


 

 



[1]   مُسْنَدِ اَحْمد، جلد:5، صفحہ:509، حدیث:16352۔

[2]   بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1۔