Book Name:Tabrukat Ki Barakat

جي لاءِ ٽي الفاظ بيان ٿيا آهن:

(1): اَثَر (2): سَڪينَہ (3): شَعَائِرُ الله

(1): پهريون لفظ: ”اَثَر“ ۽ ان جي وضاحت

بني اسرائيل ۾ هڪ شخص هو؛ موسيٰ سامري۔ عبرت جي ڳالھ آهي جو هڪ ئي وقت، هڪ ئي هنڌ، هڪ ئي قوم ۾ هڪ ئي نالي جا ٻه ماڻهو ٿيا پر ڪم ٻنهي جا مختلف هئا: (1): هڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام، هي الله پاڪ جا پيارا نبي آهن۔ (2): ٻيو موسيٰ سامِري، اهو ڪافِر مُنَافق هو۔ جڏهن الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام کي توريت شريف ڏيڻ لاءِ طور جبل تي گھرايو، پاڻ
عَلَيۡهِ السَّلام 40 ڏينهن اتي تشريف فرما رهيا، پويان سامري حضرت موسيٰ
عَلَيۡهِ السَّلام جي اڻ موجودگي جو فائدو وٺندي بني اسرائيل کي ورغلايو، انهن جا تمام زيورات ڦٻائي، انهن کي نرم ڪري گابو بڻايو، ظاهر آهي اهو گابو بي جان هو، ڳالهائي نه پئي سگھيو، چُري به نه پئي سگھيو پر سامري وٽ ڪا عجيب شيء هئي، ان اها شيء گابي جي وات ۾ وڌي ته هو زِنده ٿي ڳالهائڻ لڳو۔ هاڻي سامري بني اسرائيل کي چيو: اهو گابو توهان جو خدا آهي، ان جي عبادت ڪيو! ([1]) (اَسْتَغْفِرُ الله... اَسْتَغْفِرُ الله) هوڏانهن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام کي جبل طور ئي تي سامري جي شرارتن جي خبر پئجي وئي، پاڻ جلال واري ڪيفيت ۾ واپس موٽيا ۽ سامري کان پڇيائون:

قَالَ فَمَا خَطْبُكَ یٰسَامِرِیُّ(۹۵) (پاره:16،طٰهٰ:95)

ترجمو ڪنز الايمان: موسٰي چيو هاڻي تنهنجو ڪهڙوحال آهي اي سامري.

يعني: اي سامري! تو ائين ڇو ڪيو؟ ان جو سبب ٻڌاءِ۔([2]) سامري چيو:


 

 



[1]   تفسیر صِرَاطُ الجنان، پارہ:9، سورۂ اَعْرَاف، تحت الآیۃ:148، جلد:3، صفحہ:435، خلاصۃً۔

[2]   تفسیر صراط الجنان، پارہ:16، سورۂ طٰہٰ، تحت الآیۃ:95، جلد:6، صفحہ:235۔