Book Name:Tabrukat Ki Barakat

سان گُنَاهن جا مريض به شِفَا ماڻي وٺندا آهن۔ پير مهر علي شاه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ منقول آهي ته هڪ شخص جنهن جو نالو هو: ملڪ خدا بخش، ان انگريزي تعليم حاصِل ڪئي ۽ انگريزن وٽ ئي ملازمت ڪندو هو، اهو چوي ٿو: انگريزن جي ملازمت ۽ انهن جي صحبت جو بُرو اَثر اهو ٿيو جو نمازن جي پابندي ختم ٿيندي رهي۔ مان هڪ ڏينهن پير سيد مهر علي شاه صاحب
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيس۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيئڻ جي لاءِ پاڻي گھرايو، ٻه ڍُڪ پاڻ پيتا، باقِي مون کي عطا فرمايو، بَس اهو برڪت وارو پاڻي پيئڻ کان پوءِ الله پاڪ نمازن جو اهڙو پابند بڻايو جو ان کان پوءِ ڪڏهن به ڪا نماز ضايع ڪانه ٿي۔([1])

اولياءِ ڪرام جي نالي جي برڪت

   پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام سان نسبت رکڻ واري هر شيء بابرڪت آهي۔ الله پاڪ انهن جي نالن ۾ به برڪت رکي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اولياءِ ڪرام جي مُبَارَڪ نالن جي صدقي به مشڪلاتون حَل ٿينديون ۽ برڪتون نصيب ٿينديون آهن۔ جنتي اِبنِ جنتي، مفسرِ اُمَّت حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: اَصحَابِ ڪهف (جيڪي حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جا اُمَّتي ۽ بلند رتي وارا ولي آهن، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ انهن جي نالي جي هڪ سڄي سورت ”سورۃ الڪهف“ نازِل ڪئي، انهن جي) نالن جي صدقي مُرادون پوريون ٿينديون ۽ آفتون ٽرنديون آهن۔ * ٻار روئيندو هجي ته اَصحَابِ ڪهف جا نالا لکي ان جي مٿي هيٺان رکي ڇڏيو۔ اِنْ شَآءَ الله! ڪرم ٿيندو 2- فصل جي حِفَاظت مَقصُود هجي، فصل ۾ هڪ ڪاٺي کوڙي لڳايو ۽ اَصْحَابِ ڪهف جا مُبَارَڪ نالا ڪاغذ تي لکي ان ڪاٺي تي لٽڪائي ڇڏيو * واري سان بخار ايندو هجي 2-مال ۾ برڪت چاهيو ٿا * مال کي چوري کان بچائڻ جي لاءِ * 


 

 



[1]   مہر منیر، صفحہ:593۔