Book Name:Tabrukat Ki Barakat

هن جڳھ هڪ سُوال آهي: توبه ڪٿي به ڪئي وڃي، الله پاڪ ٻڌندو ، ڄاڻيندو، ڏسندو آهي، پوءِ بني اسرائيل کي بَيتُ المَقدَس ۾ موڪلي، دروازي ۾ داخِل ٿيڻ وقت گُنَاهن جي مُعَافِي گھرڻ ۽ شهر ۾ اَدَب سان جھڪي داخِل ٿيڻ جو حڪم ڇو ڏنو ويو؟ ان جي جواب ۾ عالم سڳورا فرمائن ٿا: بَيتُ المَقدَس بابرڪت جڳھ آهي، اتي انبياءِ ڪرامعليهم السَّلام ۽ اَولياءِ ڪرام جا مزار آهن۔([1]) خبر پئي ته الله جي نيڪ ٻانهن جي مزارن وٽ، انهن جي برڪت سان توبه جلد قبول ٿيندي آهي، هن مان اهو به سکڻ لاءِ مليو ته جتي انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام ۽ اولياء جا مزار هجن ان شهر ۽ زمين جو به اَدب ڪرڻ گھرجي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تبرڪات سان شِفا ملي ٿي

تَبَرُّڪات جي هڪ برڪت اها آهي ته انهن جي ذريعي الله پاڪ بيمارين کان شِفَا عطا فرمائيندو آهي۔ سيپاري 12، سورۂ يوسُف ۾ حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلام جي قميض مُبَارَڪ جو بيان ٿيو ته حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلام جي جُدائي ۾ روئي روئي حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلام جي نظر تي اَثَر ٿيو هو، پوءِ حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلام جي قميض مُبَارَڪ جيڪا حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلام کان ورثي ۾ ملي هئي، حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلام جي اکين تي لڳائي وئي ته ڇا ٿيو؟ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَارْتَدَّ بَصِیْرًاۚ-  (پاره:13، سورۂ يوسف:96)

ترجمو ڪنز الايمان: ان وقت سندس اکيون ٿي ويون

وبائي مرض مان شفا ملي وئي

علامه مُلّا علي قاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: هڪ ڀيرو بغداد شريف ۾


 

 



[1]   تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرہ، تحت الآیۃ:58، جلد:1، صفحہ:410 خلاصۃً۔