Book Name:Tabrukat Ki Barakat

ڪفر ڪيو، انهن تي عذاب آيو، انهن جي علائقي ۾ آيو، قومِ ثمود ڪفر ڪيو، ان تي عذاب آيو، ان جي علائقي ۾ آيو، قومِ لوط ڪفر ڪيو، انهن تي عذاب آيو، انهن جي علائقي ۾ آيو پر فِرعون تي عذاب انهن جي علائقي ۾ نه آيو، انهن کي شهر مان ڪڍي درياء ۾ غرق ڪيو ويو۔ عالم سڳورن انهن جون حڪمتون لکيون آهن، هڪ حڪمت اها آهي ته مِصر بابرڪت مقام آهي، هتي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلام ۽ سندن يارهن ڀائر جيڪي الله جا ولي آهن، انهن جا مزار آهن، انهن جي برڪت سان مِصر کي برباد نه ڪيو ويو بلڪ اتي رهڻ وارن ڪافِرن کي ڪڍي درياء ۾ غرق ڪيو ويو ۔ قرآن شريف پڙھو، سپاري 9، سُورهِ اَعرَاف ۾ الله پاڪ فرعون جي غرق ٿيڻ جو واقعو ذِڪر ڪيو، ان کان پوءِ ٻڌايو ته بني اسرائيل جن کي فرعون زبردستي پنهنجو غلام بڻايو هو، الله ڪريم انهن کي زمينِ مصر جي اولھ ۽ اوڀر جو مالِڪ بڻايو، ارشاد آهي:

وَ اَوْرَثْنَا الْقَوْمَ الَّذِیْنَ كَانُوْا یُسْتَضْعَفُوْنَ مَشَارِقَ الْاَرْضِ وَ مَغَارِبَهَا الَّتِیْ بٰرَكْنَا فِیْهَاؕ-  (پ9،الاعراف:137)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ اسان وارث بنايو ان قوم کي جنهن کي ڪمزور رکيو ويو هو ان زمين جي مشرقن ۽ مغربن جو جنهن ۾ اسان برڪت رکي.

مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: مِصر بربادي کان محفوظ رهيو ڇاڪاڻ ته حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلام جو اولاد جيڪي اولياء الله آهن، انهن جا مزار مِصر ۾ آهن۔([1])

اولياء ڪرام جا مزار امن وارا ٿيندا آهن

 : حضرت يحيٰ بن يحيٰ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نالي  هڪ بزرگ گذريو آهي امام ابو حَسَن نيشاپوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن منهنجي قسمت جو تارو


 

 



[1]   تفسیر نعیمی، پارہ:9، سورۂ اعراف، تحت الآیۃ:137، جلد:9، صفحہ:160بتغیر قلیل۔