Book Name:Tabrukat Ki Barakat

چمڪيو، مون کي خواب ۾ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، مون ڏٺو: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت يحيٰ بن يحيٰ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار تي تشريف فرما ٿيا آهن، صَحَابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان به گڏ هئا، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امامت جي مصلّي تي تشريف وٺي آيا، صحابه ڪرام
عليهم الرِّضْوَان پويان صَف ٺاهي ۽ پياري آقا، امام الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اقتداء ۾ نماز پڙھي۔ نماز کان پوءِ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: يحيٰ بن يحي جي مزار هن شهر جي رهواسين جي لاءِ اَمان آهي۔([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تبرڪات جي برڪت سان توبه قبول ٿيندي آهي

بني اسرائيل جو اَباڻُو وطن ملڪ شام هو، جڏهن حضرت يوسُف عَلَيۡهِ السَّلام مِصر جا بادشاھ بڻيا، ان وقت حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلام ۽ سندن اولاد مِصر اچي ويو۔ جڏهن فرعون غرق ٿيو، ان وقت ملڪ شام تي قومِ عَمَالقه جو قبضو هو۔ فرعون جي هلاڪت کان پوءِ الله پاڪ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو: ملڪ شام وڃو! قومِ عمالقه سان جهاد ڪيو! ۽ پنهنجو اباڻو وطن آزاد ڪرايو! بني اسرائيل ان تي دِل سان راضِي نه هئا، نه چاهيندي مجبور ٿي جهاد جي لاءِ روانا ٿيا، نيٺ ”تِيه“ نالي هنڌ تي پهچي انهن بزدلي ڏيکاري ۽ چيائون: اي موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام! اوهان پنهنجي رَبّ سان گڏ وڃو! جهاد ڪريو! اسان هتي ويٺل آهيون۔([2]) الله! الله! اهڙي بُزدِلي...!!

هڪ پاسي بني اسرائيل آهن، انهن تي آسمان تان کاڌا لٿا، ان جي باوُجود انهن بزدلي ڏيکاري، رَبّ جي نعمت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي


 

 



[1]   سِیَرُ اَعْلَامِ النُّبَلاء، جلد:12، صفحہ:292۔

[2]   عجائب القرآن، صفحہ:31 خلاصۃً۔