Book Name:Tabrukat Ki Barakat

شان ۾ اهو قصيدو مون ئي لکيو آهي ته اهلِ بيت جي محبت ڌاڙيلن جي سردار تي غالب آئي، ان جوشِ عقيدت ۾ قافلي وارن جو سمورو سامان واپس موٽائي ڏنو، الحمد لله! مون کي امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڪرتو ۽ ٽوال مُبَارَڪ ٻيهر ملي ويا۔ الله جو شان! ان تَبَرُّڪات جي برڪت ڏسو! اهي ئي ڌاڙيل جن ڪجھ دير پهريان ڦر لٽ ڪئي هئي، اسان جو تمام سامان ڦري ورتو هو، هاڻي اهي ئي ڦورو اسان جا محافظ بڻجي ويا ۽ پنهنجي حفاظت ۾ سڄي قافلي کي منزل تائين پهچايائون۔([1])

صِدْقِ صَادِق کا تَصَدُّق صادِق الاِسْلام کر

بےغضب راضِی ہو کاظِم اور رضا کے واسطے

شعر جي وضاحت: ياالله پاڪ! توکي امام جعفر صادِق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صِدق (يعني سچائي) جو واسطو مون کي پڪو سچو مسلمان بڻاءِ ۽ امام موسيٰ ڪاظِم ۽ امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهما جي صدقي مون تي غضب نه فرماءِ بلڪ بي حِسَاب راضِي ٿي وڃ۔

الله جا محبوب ٻانها ۽ انهن جا تبرڪات

اي عاشقانِ اولياء! اي عاشقانِ اهل بيت! ڏٺو اوهان! امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرتي ۽ ٽوال جي برڪت سان الله پاڪ قافلي وارن جي جان ۽ مال جي حفاظت فرمائي ۽ ڏسو! انهن جي حفاظت جو ذريعو اهڙي جڳھ تان ٿيو جتان انهن جو وهم ۽ گمان به نه هو۔ بيشڪ الله پاڪ وڏي قدرتن وارو آهي، پنهنجي نيڪ ٻانهن سان محبت فرمائي ٿو، انهن جي صدقي، انهن سان نسبت رکڻ وارين شين جي صدقي وڏيون وڏيون مشڪلاتون حل فرمائي ٿو۔


 

 



[1]   شَوَاہد نَبُوت، صفحہ:344، خلاصۃً۔