Book Name:Tabrukat Ki Barakat
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، مولانا نعيم الدين مراد آبادي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، مفتي امجد علي اعظمي
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، ضياء الدين مدني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ ٻيا بزرگ سڳورا، اولياءِ ڪرام، ڇا انهن سڀني کي ٻنهي جھانن جي آقا، سڀني جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت نه هئي؟ ضرور هئي، خدا جو قسم! اهي سڀئي عاشق رسول هئا بلڪه اهي حضراتِ عالي وقار ماڻهن کي محبتِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئارڻ وارا هئا، جيڪڏهن اُحُد جبل بابرڪت ٿي سگھي ٿو ته ڇا اهي اولياءِ ڪرام بابرڪت نه هوندا؟ پوءِ ڏسو! بلند شان واري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت جي نسبت اُحُد جبل کي ٿي، اُحُد جبل بابرڪت ٿيو پر حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جبل تي پيدا ٿيڻ واري وڻ جي پنن کي کائڻ، انهن سان برڪت حاصِل ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ معلوم ٿيو جيڪو محبوبِ خُدا، پياري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ مقبول ٿيو، اهو پاڻ به بابرڪت آهي، ان سان نسبت رکڻ واريون شيون به بابرڪت آهن ۽ اسان جا سردار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهين ٿا ۽ ترغيب ڏين ٿا ته انهن شين کي بابرڪت سمجھيو به وڃي ۽ انهن مان برڪت حاصِل به ڪئي وڃي۔
پوءِ ڳالھ هتي ختم ناهي ٿي، حديثِ پاڪ ۾ هن کان اڳتي به حڪم ڏنو ويو، فرمايائون: وَلَوْ مِنْ عَضَاہِہٖ توڙي جو اُحُد جبل تي ٿيندڙ وڻ جا صِرف ڪنڊا ئي ملن (برڪت جي لاءِ اهي ئي چٻائي وٺو!)۔ ([1])
علّامه مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪنڊا چٻاڙڻ واري شيء نه آهي، انهن کي چٻاڙڻ جي لاءِ گھڻي مشقت کڻڻي پوندي، فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مطلب اهو آهي ته اُحُد جبل جيڪو بابرڪت آهي، ان سان نسبت رکڻ واري وڻن مان برڪت جيڪڏهن آساني سان نه وٺي سگھو ته پاڻ کي مشقت ۾