Book Name:Tabrukat Ki Barakat

معمول ۾ شامل هئا، منهنجي گُنَاهن ڀري زندگي ۾ هدايت جي روشني ائين آئي جو هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ جي دعوت تي دَرس ۾ شريڪ ٿيس، درس جا الفاظ اهڙا تاثير ڀريا هئا جو منهنجي دل ۾ لهي ويا، گُنَاهن جي مِير لهڻ لڳي، مون کي پنهنجي اڳوڻي زندگي تي افسوس ٿيڻ لڳو۔ هاءِ! زندگي جو هڪ وڏو حصو غفلت ۾ گذري ويو۔ دَرس جي ذريعي نصيحت جي انمول موتين منهنجي مرده دِل کي زِنده ڪري ڇڏيو، مون انهيء وقت توبه ڪئي ۽ آئنده گُنَاھ نه ڪرڻ جو پختو اراده ڪيو۔ الحمد لله! منهنجو ڪجھ گھڙين جي لاءِ دَرسِ فيضانِ سُنّت ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي زندگي ۽ آخرت جي بهتري جو ذريعو بڻجي ويو۔ هاڻي مان عطاري آهيان، پنج (5) وقت جي نماز باجماعت اها به پهرين صَف ۾ ادا ڪرڻ جي سَعَادت ماڻي رهيو آهيان۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 حلم سُنّتِ مصطفي آهي

ٻه 2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): حِلم وارو دُنيا ۾ به سردار آهي، آخرت


 

 



[1]   مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵