Tabrukat Ki Barakat

Book Name:Tabrukat Ki Barakat

۾ به سردار آهي۔([1]) (2):حِلم جي ذريعي ٻانهو ڏينهن ۾ روزو رکڻ ۽ رات جو قيام (يعني عبادت) ڪرڻ واري جو درجو ماڻي وٺندو آهي۔ ([2])

اي عاشقانِ رسول! حِلم (بردباري) سُنّتِ مصطفيٰ آهي۔ * اسان جي پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به اجائي ڪاوڙ نه ڪئي۔ * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ذات جي حوالي سان ڪنهن کان انتقام نه ورتو۔ * اڳوڻي آسماني ڪتابن ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو وَصف به بيان ٿيو: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جيترو جهالت وارو برتاؤ ڪيو ويندو، اوترو ئي سندن حِلم وڌندو ويندو آهي۔([3])

حِلم بابت مدني گل: * حِلۡم الله پاڪ جي صِفَّت آهي۔ * حِلۡم الله پاڪ کي محبوب آهي۔ * حِلۡم انبياء جي سُنت آهي۔ * حِلم جي معني آهي: آهستگي، بُرد باري (نرم مزاجي)۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تحمل (يعني بردباري) ڪاوڙ پيئڻ کان افضل آهي ڇوته ڪاوڙ پيئڻ جي ضرورت ان کي هوندي آهي، جنهن جي ڪاوڙ شديد ٿي وڃي، جڏهن ته حِلم واري کي ڪاوڙ ۾ جوش ناهي ايندو۔([4])

حلم حاصل ڪرڻ جا طريقا: * حِلم تڪلف سان ايندو آهي (يعني ڪوشش سان، تڪلف ڪري ڪاوڙ پيئندو رهي، آهسته آهسته طبيعت ۾ حِلۡم پيدا ٿي ويندو)۔ * عمامو ٻڌڻ سان حِلم وڌندو آهي۔ * ٻڪريون چارڻ سان به طبيعت ۾ حِلم پيدا ٿيندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]   جامع صغیر، صفحہ:233،حدیث:3831۔

[2]   مَجْمَعُ الزَّوائِد، کتابُ الْاَدب، باب حُسْنِ اَخْلاق کے بیان میں، جلد:8، صفحہ:19، حدیث:12687۔

[3]   صِراط الجنان، جلد:2، صفحہ:79۔

[4]   اِحْیَاء العلوم مترجم، جلد:3، صفحہ:535۔