Book Name:Tabrukat Ki Barakat

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

)1( جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])

)2( سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ


 

 



[1]   افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا