Book Name:Tabrukat Ki Barakat

۾ جان وجھڻ جو اَثَر رکندي آهي، اهي جبريل عَلَيۡهِ السَّلام ڪير آهن؟ ملائڪن جا سردار ۽ اسان جي پياري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا خادِم۔ هاڻي اسان ڇو نه چئون:

چاہیں  تو  اشاروں  سے  اپنے  کایا  ہی  پلٹ  دیں  دُنیا  کی

یہ  شان  ہے  اُن  کے  غلاموں  کی  سرکار  کا  عالم  کیا  ہو گا

الله! الله! اندازو ڪريو! جڏهن خادم جي، گھوڙي جي قدمن مان لڳندڙ مٽي  جو اهڙُو شان آهي ته الله جي نعمت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مُبَارَڪ قدم جنهن خاڪ تي لڳي وڃن ان خاڪ جو رُتبو ڇا هوندو! عاشقن جا امام، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان خاڪ پاڪ جو شان بيان ڪن ٿا:

ذَرَّے جھڑ کر تیری پیزاروں کے                       تاجِ سَر بَنتے ہیں، سیاروں کے([1])

 شرح ڪلامِ رضا: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جي نعلين شريف کي مُبَارَڪ قدمن سان نسبت ٿي، نعلين شريف کي مَٽي چميو، اها مٽي جيڪا نعلينِ پاڪ کان برڪت ماڻي رهي آهي، ان مٽي جا ذَرّا نعلين شريف کان جدا ٿين ٿا ته انهن ذَرَّن کي آسمان جا سَيارا، سج، چنڊ، مشتري، زُحل وغيره پنهنجي مٿي جو تاج بڻائيندا آهن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(2) ٻيو لفظ: ”سڪينه“ ۽ ان جي وضاحت

ٻيو لفظ جيڪو قرآنِ ڪريم ۾ تبرڪات جي لاءِ استعمال ٿيو اهو لفظ آهي: ”سَڪينَہ“ ان جي لفظي معني آهي: دل کي اطمينان ۽ سڪون ڏيڻ واري


 

 



[1]   حدائق بخشش، صفحہ:359۔