Book Name:Tabrukat Ki Barakat
شيء۔ تابوتِ سڪينه جو واقعو مشهور آهي، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾، ٻي سيپاري جي آخر ۾ ان کي بيان ڪيو، ٿيو ائين جو حضرت طالوت رَضِىَ اللهُ عَنْه کي بني اسرائيل جو بادشاھ مقرر ڪيو ويو، بني اسرائيل ان فيصلي جي مخالفت ڪئي ته طالوت ته غريب آهي، اهو بادشاھ ڪيئن بڻجي سگھي ٿو؟ ان تي ان وقت جي نبي حضرت شمويل عَلَيۡهِ السَّلام الله جي حڪم سان فرمايو:
اِنَّ اٰیَةَ مُلْكِهٖۤ اَنْ یَّاْتِیَكُمُ التَّابُوْتُ فِیْهِ سَكِیْنَةٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ (پ2،البقرة:248)
ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ اُن جِي بادشاهئَ جِي نِشاني توھان وٽ تابُوت جو اچڻ آھي جنھن ۾ اوھان جي پالڻھار طرفان دِليُن جِي تسڪِين آهي
هتي تابوت ۾ موجود شين کي الله پاڪ سَڪينَه فرمايو، ان صندوق ۾ ڇا هو؟ اهو به قرآنِ ڪريم ئي کان پڇو، ته ارشاد ٿئي ٿو:
وَ بَقِیَّةٌ مِّمَّا تَرَكَ اٰلُ مُوْسٰى وَ اٰلُ هٰرُوْنَ (پاره:2،سورۂ بقره:248)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ عزت ماٰب مُوسى ۽ عزت ماٰب ھارون جي ترقَي جُون ڪُجھ بچيل شيُون آهِن،
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: ان تابوت ۾ توريت شريف جي تختين جا ٽڪڙا، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جا ڪپڙا ۽ نعلين شريف (يعني مُبَارَڪ جُتي)، حضرت هارون عَلَيۡهِ السَّلام جو عمامو ۽ لٺ مُبَارَڪ هئي۔ بني اسرائيل کي ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته اهي ان تابوت کي سامهون رکي دُعا گھرندا هئا، انهن جي دُعا قبول ٿيندي هئي، ان تابوت جي برڪت سان انهن کي جنگن ۾ فتح ملندي هئي۔([1]) خبر پئي ته الله جي محبوب ٻانهن سان نسبت رکندڙ شين