Book Name:Tabrukat Ki Barakat

۾ دِل جو سڪون آهي، انهن جي برڪت سان مصيبت ٽرندي آهي، دُعا قبول ٿيندي آهي ۽ الله پاڪ جي رحمت ڇماڇم وسندي آهي۔

(۳): لفظ ”شعائر الله“ ۽ ان جي وضاحت

          ٽيون لفظ جيڪو قرآنِ ڪريم تَبَرُّڪات جي لاءِ استعمال ڪيو، اهو آهي: شَعَائِرُ الله۔ شعائِر الله جي معني آهي: الله جون نشانيون۔ قرآنِ ڪريم ۾ اهو لفظ چار 4 ڀيرا آيو آهي۔ مُفَسِّر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: * هر اها شيء جنهن کي الله تعالي دينِ اسلام يا پنهنجي قدرت يا پنهنجي رحمت جي نشاني قرار ڏنو هجي * هر اها شيء جنهن کي ديني عظمت حاصل هجي ان جي تعظيم مسلمان هئڻ جي نشاني هجي اها شَعَائِرُ الله آهي۔([1]) هڪ هنڌ لکن ٿا: انبياءِ ڪرام، مشائخ (يعني اولياءِ ڪرام) ۽ عالم سڳورا به شَعَائِرُ الله ۾ داخِل آهن بلڪ هي ته شَعَائِرُ الله بنائڻ وارا آهن يعني جنهن شيء کي انهن سان نسبت ٿي وڃي اها شَعَائِرُ الله بڻجي ويندي آهي، مثال طور * ڪعبو شريف ان ڪري تعظيم لائق ٿيو جو ان کي نبي سڳورن سان نسبت آهي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلام هن کي بنائڻ وارا، حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام ان جي تعمير ۾ مدد ڪرڻ وارا، سيدِ انبياء، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن سان محبت فرمائي۔ * عرفات (جتي حج ٿئي ٿو)۔ * مِنيٰ (جتي حاجي قرباني ڪن ٿا، انهن کي به) عظمت وارو قرار ڏنو ويو، ان ڪري جو انهن کي الله وارن سان نسبت آهي، مِنٰي ۾ الله جا ٻه 2 نيڪ ٻانها حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِما الـسَّـلَام قرباني پيش ڪئي۔([2]) * الله پاڪ صَفَا ۽ مروه کي شَعَائِرُ الله فرمايو، ارشاد آهي:


 

 



[1]   تفسیر نعیمی، پارہ:6، سورۂ مائدہ، تحت الآیۃ:2،جلد:6، صفحہ:172۔

[2]   مواعظ نعیمیہ، صفحہ:221 بتغیر۔