Tabrukat Ki Barakat

Book Name:Tabrukat Ki Barakat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُحُد تي نگاھِ ڪرم وڌي ۽ فرمايائون: ہٰذَا جَبَلٌ یُحِبُّنَا وَنُحِبُّہٗ هيءُ جبل اسان سان محبت ڪري ٿو، اسان هن سان محبت ڪيون ٿا۔([1])

الله اڪبر! قربان وڃجي اُحُد جبل جي قسمت تان! اسان کي سالن جا سال ٿي ويا غلامي رسول جا نعرا لڳائيندي، قسمت وارو ته اهو آهي جنهن کي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قبول ڪيو هجي۔

اللہ کا محبوب بنے جو تمہیں چاہے                        اس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تم جسے چاہو

 جيڪو حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪري، حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنهن کي پنهنجو محبوب چون، يقيناً ان جو شان، ان جو مقام ۽ رتبو نهايت اوچو آهي، پر هن جڳھ تي جيڪو اَهم نڪتو آهي، جنهن کي سمجھڻ ۽ دِل ۾ ويهارڻ جي ضرورت آهي اهو هي جو اسان جي آقا وموليٰ، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان عاشق سان اُمت کي ڪهڙو رَوِيو رکڻو آهي؟ جامع صغير، حديث:239، رَسولِ بي مثال، بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُحُد جبل سان اظهارِ محبت ڪيو، ان کان پوءِ فرمايائون: فَاِذَا جِئْتُمُوْہُ  جڏهن توهان اُحُد جبل وٽ اچو، فَکُلُوْا مِنْ شَجَرِہٖ   ان تي ڦٽڻ واري وڻ جا پن (تبرڪ طور) کائو! ([2])

الله اڪبر! الله اڪبر! غور ڪريو! بظاهر بي جان نظر ايندڙ جبل الله جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪري ته بابرڪت ٿي وڃي، پوءِ ٻڌايو! ڇا غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت نه ڪندا هئا، ڇا داتا علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت نه هئي، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، بابا فريد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، سيدي اعلي حضرت


 

 



[1]   بخاری، جہاد و سِیَر کی کتاب،باب فضل خدمتِ...الخ، صفحہ:746، حدیث:2889۔

[2]   جامع صغیر، صفحہ:21، حدیث:239۔