Book Name:Tabrukat Ki Barakat

شاھ وَلِي الله مُحَدِّث دِهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن ٻانهو الله جو محبوب بڻجي ويندو آهي ته * الله ان کي پنهنجي نگاههِ رحمت ۾ رکندو آهي * اهو ٻانهو آسمانن جو گھوٽ ٿي ويندو آهي * الله جو محبوب ٻانهو جنهن هنڌ هجي اتي ملائڪن جي ڄڃ لهندي آهي، * اتي نور جي برسات ٿيندي آهي * الله پاڪ جي رحمت هر وقت ان سان گڏ رهندي آهي * جنهن شيء کي الله جي محبوب ٻانهي سان نسبت ٿي وڃي، الله جي رحمت ان تي به ٿيندي آهي، انهيء ڪري الله جي محبوب ٻانهن سان نسبت رکڻ واريون شيون، انهن جو لباس عام ماڻهن جي لباس کان، انهن جي استعمال ۾ رهندڙ ٿانو، عام ماڻهن جي ٿانون کان، انهن جي جاءِ نماز عام ماڻهن جي جاءِ نماز کان، انهن جو گھر عام ماڻهن جي گھر کان، انهن جا مزار وغيره عام ماڻهن جي نسبت اعليٰ ۽ ممتاز هوندا آهن۔([1]) اعليٰ حضرت جا والد محترم مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عبادت جون برڪتون بيان ڪندي لکن ٿا: جيڪو ٻانهو ڪثرت سان الله پاڪ جي عبادت ڪري ٿو، الله پاڪ ان کي بابرڪت بڻائي ڇڏيندو آهي، ايستائين جو ماڻهو ان جي گھر ۽ ڪپڙن مان برڪت وٺندا ۽ فائدو کڻندا آهن۔([2])

جو ہو اللہ کا ولی اس کا                              فیض دُنیا میں عام ہوتا ہے([3])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

قرآنِ ڪريم ۾ ”تبرڪات“ جو ذِڪر

  پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي محبوب ٻانهن سان نسبت رکندڙ شين جو ڪثرت سان ذِڪر ڪيو آهي۔ قرآن مجيد ۾ تَبَرُّڪات


 

 



[1]   فُیُوضُ الْحَرَمین (مترجم)،صفحہ:60، خلاصۃً۔

[2]   اَنْوارِ جمالِ مصطفےٰ،صفحہ:334، خلاصۃً۔

[3]   وسائل بخشش، صفحہ:441۔