Book Name:Tabrukat Ki Barakat

بحري سَفَر ڪرڻو هجي، ٻڏڻ کان بچڻ جي لاءِ اَصحَابِ ڪهف جا مُبَارَڪ نالا لکي پاڻ وٽ رکو! اِنْ شَآءَ الله! ان جون خوب برڪتون نصيب ٿينديون۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اوهان اصحابِ ڪهف جا مبارڪ نالا پاڻ نٿا لکي سگھو ته پريشان نه ٿيو، الحمدلله ! دعوتِ اسلامي جي شعبي روحاني علاج جي بستن تان اصحابِ ڪهف جي مبارڪ نالن وارو تعويذ في سبيل الله ڏنو ويندو آهي، ان جي برڪت سان خبر ناهي ڪيترن ئي مريضن کي شفا به ملي آهي۔

اولياءِ ڪرام  جا نالا ۽ تبرڪات قبر ۾ به ڪم اچن ٿا

۽ سُبحٰنَ الله! ايمان افروز ڳالھ ڏسو! اولياءِ ڪرام جا مُبَارَڪ نالا، انهن سان نسبت رکڻ واريون شيون صرف دُنيا ئي ۾ نه، بلڪ مرڻ کان پوءِ، قبر ۾ به ڪم اچن ٿيون۔ ”شجره قادريه رضويه عطاريه“ جنهن ۾ نبين جي سلطان، رحمت عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ 41 اولياءِ ڪرام جا نالا لکيل آهن ۽ اَشعَار جي صُورت ۾ انهن جي وسيلي سان دُعائون ڪيل آهن، هن شجري شريف جي برڪت جي هڪ حڪايت ٻڌو ۽ ايمان تازو ڪريو۔ آگست 2004ء ۾ پاڪستان جي مشهور شهر حيدر آباد جي هڪ عطاريه اسلامي ڀيڻ جو انتقال ٿيو۔ انهن کي غسل ڏيندڙ اسلامي ڀيڻ ان جي رشتيدار خواتين کي شجره قادريه رضويه عطاريه ڏنو ۽ چيو: اهو انهن جي قبر ۾ رکرائي ڇڏجو۔ گھر جي مرد افراد جي ذريعي شجرو شريف انهن جي قبر ۾ رکرايو ويو۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ مرحومه پنهنجي هڪ رشتيدار اسلامي ڀيڻ کي خواب ۾ شاندار بستر تي ويٺل نظر آئي اها ڏاڍي خوش نظر اچي رهي هئي۔ مرحومه مُرڪي چيو: هيءُ شجرو شريف وٺو ۽ ان اسلامي ڀيڻ جو شڪريو ادا ڪري واپس موٽائجو۔ اها ان جي امانت آهي۔الحمد لله! هن شجري عطاريه جي برڪت سان مون کي قبر


 

 



[1]   تفسیر غرائب القرآن، پارہ:15، سورۂ کہف، تحت الآیۃ:22، جلد:4، صفحہ:412۔