Book Name:Tabrukat Ki Barakat
جان نثارن کي ڏسو! ڪڏهن صِرف کجورن تي گُذارو آهي، ڪڏهن بُکن تي آهن، بُک جي شِدَّت سان پيٽ تي پٿر ٻڌل آهن، ان جي باوُجود جنگ بَدَر ۾ سڏيو ويو، بدر ۾ پهتا، جنگ اُحد ۾ سڏيو ويو، اُحُد ۾ پهتا، ڪڏهن 313 جو لشڪر 1000 جي لشڪر کي شڪست ڏئي رهيو آهي، ڪڏهن خيبر جا دروازا اُکيڙي رهيا آهن ۽ ڪڏهن رُوم ۽ ايران جي دروازن تي دستڪ ڏئي رهيا آهن، بني اسرائيل مَنّ وسلوٰي کائي بزدلي ڏيکاري، صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان بکايل رهندا هئا پر انهن جي رُعب سان وقت جا وڏا وڏا بادشاھ ڏڪڻ لڳندا هئا۔ الله پاڪ جون ڪروڙين رَحمتون هجن، انهن صحابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان تي، انهن مشڪلاتون برداشت ڪيون، پر دِين تي حرف به نه اچڻ ڏنو۔
خير! بني اسرائيل بزدلي ڏيکاري، الله پاڪ انهن کي مقامِ تِيه ۾ قيد ڪري ڇڏيو، اهي صبح جو هلندا هئا، سڄو ڏينهن سَفَر ڪندا هئا، شام جو رُڪندا هئا ته ڏسندا هئا ته جتان کان هليا هئا، اتي ئي بيٺا آهن۔ 40سال اهي ماڻهو اتي ئي قَيد رَهيا۔([1]) آخر انهن جي اها قيد ختم ٿي، الله پاڪ انهن کي بَيتُ المَقدَس وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ اتي وڃڻ جا ٻه آداب بيان ٿيا، فرمايو ويو:
وَّ ادْخُلُوا الْبَابَ سُجَّدًا (پ:1، بقره:58)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو
يعني بيت المقدس ۾ داخِل ٿيڻ وقت شڪراني طور سجدو ڪيو! يا اها معني آهي ته شهر ۾ جھڪي ڪري اَدَب سان داخِل ٿيو۔ ٻيو حڪم اهو ٿيو ته
وَّ قُوْلُوْا حِطَّةٌ نَّغْفِرْ لَكُمْ خَطٰیٰكُمْؕ- (پاره:1، سورۂ بقره:58)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ چئو ته اسان جا گناهه معاف ٿين، اسان اوهان جا گناهه بخشي ڇڏينداسين.