Book Name:Tabrukat Ki Barakat

دِعبَل خُزَاعِي امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي قصيدو ٻڌايو، تمام شاندار قصيدو هو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا۔ ان وقت جو خليفو مَامُونُ الرَّشِيد به اتي موجود هو، ان امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خوش ڏسي دِعبَل خُزاعِي کي پنجاھ هزار (50000) دينار (يعني سونا سِڪا) انعام طور ڏنا۔ دِعبَل انعام قبول ڪري امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عرض ڪيو: سائين! خواهش آهي ته پنهنجو استعمال ڪيل ڪو ڪپڙو عطا فرمايو، ته جيئن مان ان کي ڪفن بڻائي سگھان۔ امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي خواهش پوري ڪئي ۽ هڪ ڪرتو ۽ هڪ ٽوال ان کي عطا ڪري فرمايائون: ”انهن کي سنڀالي رکجان، اهي تنهنجي حفاظت ڪندا۔“ دِعبَل چوي ٿو: مون کي عراق وڃڻ جو اتفاق ٿيو، مون امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مُبَارَڪ ڪرتو ۽ ٽوال به ساڻ کنيو ۽ قافلي وارن سان گڏ روانو ٿيس۔ واٽ تي اوچتو اسان تي ڌاڙيلن حملو ڪيو ۽ قافلي جو تمام سامان کسي کڻي ويا، منهنجو به تمام سامان کسجي ويو هو۔ هاڻي مان رستي جي ڪناري تي پريشان حال ويٺو هيس، افسوس! ايترو قيمتي ڪرتو ۽ ٽوال مُبَارَڪ قسمت سان ئي مليا هئا سِي به ڌاڙيل کسي ويا، مون کي هر هر امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نصيحت ياد اچي رهي هئي ته ”اهو ڪرتو ۽ ٽوال سنڀالي رکجان، اهي تنهنجي حفاظت ڪندا۔“ افسوس! مان انهن کي سنڀالي نه سگھيس۔

انهيءَ ڏُک ۾ ويٺو سوچي ئي رهيو هيس ته ڌاڙيلن جو سردار گھوڙي تي سُوار واپس موٽيو، پويان ان جي باقي ڌاڙيل به اچي پهتا، حيراني جي ڳالھ اها هئي جو منهنجو لکيل قصيدو جيڪو مون امام علي رضا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٻڌايو هو، ڌاڙيلن جو سردار اهو ئي قصيدو پڙھي رهيو هو، مون کي حيرت ٿي ته ڌاڙيل ۽ اهلِ بيت سان اهڙي محبت...! مون موقعو ڏسي پنهنجو تعارف ڪرايو، جڏهن ان کي خبر پئي ته مان ئي دِعبَل خُزاعِي آهيان ۽ اهلِ بيت جي